ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ پاڪستان ۽ جاپان جي وچ ۾ تعاون کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي: وفاقي وزير چوڌري فواد حسين

ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ پاڪستان ۽ جاپان جي وچ ۾ تعاون کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي: وفاقي وزير چوڌري فواد حسين

اسلام آباد (پاکستان پوائنٹ نیوز28دسمبر 2018ء) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ پاڪستان ۽ جاپان جي وچ ۾ تعاون کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي، جاپان پاڪستان ٽيليويزن ڪارپوريشن ۽ پاڪستان براڊ ڪاسٽنگ ڪارپوريشن جي ٽرانسميشن ۽ نشرياتي نظام کي جديد بڻائڻ ۽ بهتري لاءِ تعاون ڪري. اها ڳالهه هن ڪالهه جمعي ڏينهن جاپان جي سفير تاڪاشي ڪورائي سان ملاقات دوران چئي جنهن ساڻس الوداعي ملاقات ڪئي. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو ته حڪومت فلم ۽ انٽرٽينمينٽ صنعت جي بحالي کي اولين ترجيح ڏئي رهي آهي ڇو ته فلمون ڪنهن به معاشري جي قدرن ۽ ثقافت جي فروغ جو اهم ذريعو آهن. هن خواهش ظاهر ڪئي ته جاپاني فلمساز پاڪستان اچن ۽ خاص طور تي اترين علائقن ۾ فلمن جي شوٽنگ ڪن جيڪي دنيا ۾ قدرتي خوبصورتي جي ڪري مشهور آهن. ملاقات دوران ڌرين ميڊيا ۽ اطلاعات جي شعبن ۾ تعاون وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ تي زور ڏنو. جاپاني سفير وزيراعظم عمران خان جي ويزن کي ساراهيو ۽ ٻنهي ملڪن جي عوام جي گڏيل مفاد ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. اطلاعات واري وزير ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي مستحڪم بڻائڻ جي لاءِ جاپان جي سفير تاڪاشي ڪورائي جي ڪوششن کي ساراهيو ۽ سندس مستقبل جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.