اسلام آباد (پاکستان پوائنٹ نیوز28دسمبر 2018ء) وزيراعظم عمران خان سان بلوچستان جي وڏي وزير ڄام ڪمال ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ ناڻي وارو وفاقي وزير اسد عمر، دفاعي پيداوار واريءَ وفاقي وزير زبيده جلال ۽ بلوچستان ڪابينا جا ڪجهه ميمبر پڻ موجود هئا. ملاقات ۾ بلوچستان جي وڏي وزير بلوچستان جي مسئلن بشمول اقتصادي مسئلن، ترقياتي فنڊن جي کوٽ، مسنگ پرسنز جي حوالي سان تعاون ۽ قدم کڻڻ جي درخواست ڪئي.
وزيراعظم عمران خان سان بلوچستان جي وڏي وزير ڄام ڪمال جي ملاقات
5 سال پھريان