پاڪستان انساني ۽ قدرتي وسيلن سان مالامال بهترين سرزمين آهي، درپيش چئلينجن کي نظر ۾ رکندي دستياب موقعن مان ڀرپور فائدو کڻڻ گهرجي: وزيراعظم عمران خان

پاڪستان انساني ۽ قدرتي وسيلن سان مالامال بهترين سرزمين آهي، درپيش چئلينجن کي نظر ۾ رکندي دستياب موقعن مان ڀرپور فائدو کڻڻ گهرجي: وزيراعظم عمران خان

اسلام آباد (پاکستان پوائنٹ نیوز28دسمبر 2018ء) وزيراعظم عمران خان پرڏيهي وزارت، ٻاهرئين ملڪ مقرر سفيرن، گهرو وزارت ۽ لاڳاپيل ادارن جي وچ ۾ موثر ۽ ٺوس رابطن جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان انساني ۽ قدرتي وسيلن سان مالامال بهترين سرزمين آهي، درپيش چئلينجن کي نظر ۾ رکندي دستياب موقعن مان ڀرپور فائدو کڻڻ گهرجي، ٻين تي ڀاڙڻ جي پاليسي ختم ڪرڻي پوندي، ٻاهرئين سيڙپڪاري جو فروغ، نئين منڊين جي ڳولا ذريعي روانگي واپار ۾ اضافي ۽ ڪاروبار ۾ آساني ۽ ان کي منافعو ڏيندڙ بڻائڻ ۽ مني لانڊرنگ جي موثر روڪٿام ترجيحن ۾ شامل آهي، سمنڊ پار پاڪستاني خاص طور تي پورهيت طبقو اسان جو قيمتي اثاثو آهن، انهن سان رابطن جو فروغ ۽ انهن جي مسئلن جي حل ۾ مدد ڪرڻ اسان جي ترجيح هجڻ گهرجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪالهه جمعي ڏينهن پرڏيهي آفيس ۾ ٻن ڏينهن واري معاشي سفارتڪاري ڪانفرنس جي پڄاڻي واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي، وزيراعظم جو واپار وارو صلاحڪار عبدالرزاق دائود، سيڙپڪاري بورڊ جو چيئرمين هارون شريف، اهم ملڪن ۾ پاڪستاني سفارتڪار، نجي ۽ سرڪاري شعبن جا نمائندا ۽ مختلف ادارن جا سربراهه پڻ موجود هئا. وزيراعظم چيو ته مون 21 سال ڪرڪيٽ کيڏي جڏهن ته 22 سالن کان سياست ۾ آهيان. هن چيو ته مون ڪرڪيٽ شروع ڪئي ته ڪيترائي ٽيلينٽيڊ ڪرڪيٽرز موجود هئا پر اسان مئچ نه کٽيندا هئاسين ڇو ته اسان جي اندر احساس ڪمتري هو ته اسان کٽي نه ٿا سگهون، 80ع جي ڏهاڪي ۾ ايتري ٽيلينٽيڊ ٽيم هئي ۽ وڏين وڏين ٽيمن کي هارايو، ان جو سبب مائنڊ سيٽ ۾ تبديلي هئي، اسان جي اندر مان اهو احساس ختم ٿي ويو ته اسان ڪنهن کان گهٽ آهيون ۽ ڪنهن کي هارائي نه ٿا سگهون. هن چيو ته اڄ جيڪو مالياتي بحران آهي، اهو اسان جي لاءِ تمام وڏو موقعو آهي ۽ ان سان واضح ٿيندو ته پاڪستان هاڻي ائين نه ٿو هلي سگهي، اسان کي بحرانن مان نڪرڻو آهي ته سوچ کي تبديل ۽ ٻين تي ڀاڙڻ کي ختم ڪرڻو پوندو، اسان قرضن جي انتظار ۾ رهندا هئاسين، بجاءِ ان جي جو اسان پنهنجي معيشت ۾ خرابين کي ختم ڪريون. هن چيو ته ملڪ گهر وانگر هوندو آهي، جڏهن خرچ وڌيڪ ۽ آمدني گهٽ ٿيندي هجي ته قرض کڻي گهر هلائڻ سان گهر به تباهه ٿئي ٿو، خسارو وڌڻ تي آمدني وڌڻ بدران قرضن جو شارٽ ڪٽ اختيار ڪيو ويو. هن چيو ته ڪير مفت ۾ قرض نه ٿو ڏي، اسان قرض وٺي پنهنجي عزت نفس ۽ خودمختياري کي نقصان پهچائيندا رهيا آهيون ۽ اسان جي عزت نفس ۽ غيرت ختم ٿي وئي ڇو ته ٻين جي اڳيان هٿ ڦهلائيندڙ پنهنجي عزت نفس وڃائي ويهن ٿا، قرض وٺڻ سان اسان جي سوچ خراب ٿي وئي ۽ قومي تعمير نه ٿي سگهي. هن چيو ته قرضن جي ڪري امير ماڻهو فائدو کڻندا هئا جڏهن ته عوام مهانگائي جي چڪيءَ ۾ پيڙهجندو هو. هن چيو ته دنيا ۾ اسان جو تاثر ان لاءِ خراب ٿيو ڇو ته ايراني انقلاب کانپوءِ اسان جا وزيراعظم دنيا کي وڃي ڊيڄاريندا رهيا ته بنياد پرست اچي ويندا نه ته اسان کي بچايو، اولهه مسلمان دنيا کي لبرل ۽ بنياد پرست ۾ ورهائڻ شروع ڪري ڇڏيو، هن ملڪ جي اشرافيه اولهه کان پئسا وٺڻ جي لاءِ لبرل ۽ بنياد پرست جي ورڇ پاڻ پيدا ڪئي. هن چيو ته اسان جي ملڪ ۾ به انتهاپسندي آهي پر دنيا ۾ اڪثريت سدائين اعتدال پسند ۽ لبرل هوندي آهي، اسان جي اشرافيه پاڻ پنهنجي ملڪ جي ساک خراب ڪئي، ملڪ جو تاثر خراب ڪرڻ ۾ اسان جو پنهنجو هٿ آهي. هن پرڏيهي وزارت کي هدايت ڪئي ته اها پنهنجي سوچ تبديل ڪري. وزيراعظم چيو ته اسان جي سفيرن کي اهو ڪم ڪرڻو آهي جيڪو هيسدتائين ڪڏهن ناهي ٿيو، هڪ ٽيم ورڪ ۽ ڪوآرڊينيشن جي ضرورت آهي، مختلف کاتن کي گڏجي ڪم ڪرڻ ۽ ڪاروبار ڪرڻ کي آسان بڻائڻ جي ضرورت آهي، اهو تڏهن ئي ٿيندو جڏهن مختلف شعبا گڏجي ڪم ڪن. هن چيو ته منهنجي خواهش آهي ته اسان جا سفير سمنڊ پار پاڪستانين، جيڪي ملڪ جو تمام وڏو اثاثو آهن، انهن سان سٺو رويو اختيار ڪن. هن چيو ته پاڪستان ۾ ڪرپشن ۽ مختلف ادارن جو ماحول هتي اچڻ نه ٿو ڏي، اهي ويچارا پاڪستان جي محبت ۽ احساس دل ۾ رکن ٿا پر خراب سلوڪ جي ڪري اهي هتان هليا وڃن ٿا. هن سفيرن کي هدايت ڪئي ته اهي مختلف ملڪن ۾ رهندڙ پاڪستاني ڪاروباري شخصيتن جون فهرستون تيار ڪن، انهن سان رابطو ڪن ڇو ته اهي ملڪ جي ترقي ۽ سيڙپڪاري جي لاءِ تمام اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. هن چيو ته ڀارت، چين ۽ ٻين ملڪن جون ڪاروباري شخصيتون پنهنجي ملڪ جي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيون آهن. هن ملائيشيا ۾ مقرر هاءِ ڪمشنر نفيس ذڪريا کي ساراهيو ۽ چيو ته هن زبردست ڪم ڪيو آهي. وزيراعظم سفيرن کي هدايت ڪئي ته اهي ٻاهرئين ملڪ پاڪستاني پورهيتن جو خاص طور تي خيال رکن جيڪي پنهنجي گهرڀاتين کي ڇڏي محنت ڪري رهيا آهن ۽ ڪيتريون ئي مشڪلاتون برداشت ڪن ٿا. هن چيو ته اهي تمام خاص ماڻهو آهن انهن جي 19 ارب ڊالر جي ڪري ملڪ هلي رهيو آهي، ان لاءِ انهن ماڻهن جي ڀرپور مدد ڪئي وڃي، ٻاهرئين ملڪ پاڪستانين جون ڪميونٽيز ٺاهيون وڃن. هن چيو ته اهي پاڪستاني قابل ۽ هنرمند آهن ۽ ملڪ جي لاءِ اثاثو ثابت ٿي سگهن ٿا. هن ٻاهرئين ملڪ مقرر سفيرن کي ملڪي روانگي واپار ۾ اضافي جي لاءِ ڀرپور ڪردار ادا ڪرڻ جي هدايت ڪئي ۽ چيو ته آفريقا ۽ لاطيني آمريڪا تائين پهچ ۽ نوان موقعا ڳولڻ جي لاءِ ڀرپور ڪوششون ڪيون وڃن، اسان جي روانگي واپار لاءِ اتي وڏا موقعا آهن. هن پاڪستاني سفيرن کي مني لانڊرنگ جي خلاف ڀرپور ڪردار ادا ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي. هن چيو ته پاڪستان جو پئسو چوري ٿي ٻاهر ويندو رهيو، ساليانو 10 ارب ڊالر جي مني لانڊرنگ ٿيندي رهي آهي، مني لانڊرنگ جي خلاف اسان مختلف ملڪن سان مفاهمت جي ياداشتن تي صحيحون ڪيون آهن، پاڪستاني سفيرن کي ان سلسلي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. وزيراعظم چيو ته ڪاروبار کي منافعو ڏيندڙ ۽ آسان بڻائڻ جي ضرورت آهي، پاڪستان هڪ بهترين سرزمين آهي، جيڪڏهن اسان پنهنجي نوجوانن کي صحيح رخ ۽ سيڙپڪاري طرف لڳائي ڇڏيون ته اهي پاڪستان کي ترقي طرف گامزن ڪري ڇڏيندا، اسان کي پنهنجا رويا تبديل ڪرڻا پوندا ۽ ڪاروبار ڪندڙن جي لاءِ رڪاوٽون ختم ڪرڻيون پونديون، ان سلسلي ۾ سيڙپڪاري بورڊ کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. هن پاڪستاني سفيرن جي معيار کي زبردست قرار ڏيندي چيو ته هاڻي اسان کي ڪارڪردگي ڏيکارڻي آهي ۽ 70ع جي ڏهاڪي بدران 80ع جي ڏهاڪي جي ڪرڪيٽ ٽيم وانگر بڻجڻو پوندو.