پارليامينٽ جي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جو اجلاس

پارليامينٽ جي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جو اجلاس

اسلام آباد (پاکستان پوائنٹ نیوز28دسمبر 2018ء) پارليامينٽ جي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي (پي اي سي) ڪميٽي پاران قومي احتساب بيورو (نيب) کي موڪليل ڪيسن تي اڳڀرائي بابت نيب کي سومر ڏينهن بريفنگ جي هدايت ڪئي آهي، ايندڙ هفتي ڪميٽي جي اجلاسن ۾ مسلم ليگ (ن) جي حڪومتي دور بابت آڊٽ پيراز جو جائزو وٺڻ لاءِ ٽي کان چار ذيلي ڪميٽيون قائم ڪيون وينديون. 15 هين پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جو اجلاس جمعي ڏينهن هتي ڪميٽي جي چيئرمين ۽ قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ ٿيو. اجلاس کي پنهنجي شروعاتي خطاب ۾ ڪميٽي جي چيئرمين چيو ته اها ڳالهه خوش آئنده آهي ته پي اي سي ۾ تجربيڪار پارليامينٽرين شامل آهن جن جي تجربن مان فائدو کنيو ويندو. هن چيو ته پارلياماني جمهوريت ۾ سموريون ڪميٽيون اهميت رکندڙ آهن تنهن هوندي به پي اي سي ان لحاظ کان اهم آهي اها ڪميٽي مختلف حڪومتي وزارتن، کاتن ۽ ٻين ادارن جي آڊٽ بابت معاملن کي ڏسندي آهي، هن چيو ته پي اي سي بابت هڪ عام تاثر اهو ڏٺو ويندو آهي ته اها صرف مخالفت ۽ الزام بازي لاءِ استعمال ڪئي وڃي ٿي، اهو تاثر درست نه آهي، پي اي سي مختلف وزارتن ۽ کاتن جي مالي معاملن جي نگراني جو فرض سرانجام ڏي ٿي، هن چيو ته اسان تي جيڪا ذميواري لاڳو ڪئي وئي آهي اسان احتياط سان انهي ذميواري کي انجام ڏيڻ جي ڪوشش ڪنداسين ۽ ڪوشش ڪنداسين ته شفافيت کي يقيني بڻائي سگهجي. پي اي سي جي ايڊيشنل سيڪريٽري ميبمرن جي آجيان ڪندي شرڪت ڪندڙن کي پي اي سي جي طريقيڪار ۽ ڪارڪردگي بابت تفصيلي بريفنگ ڏني. هن ٻڌايو ته مالي سال 11- 2010ع کان هيستائين ڪل 18 هزار 43 آڊٽ پيراز ۽ 931 گرانٽس التوا ۾ آهن، هن ٻڌايو ته 2008ع کان وٺي 2013ع جي پي اي سي 10 رپورٽن جو جائزو ورتو ۽ انهن کي قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪيو، ان ڪميٽي 440 گڏجاڻيون ڪيون ۽ 117.8 ارب روپين جي وصولي ڪئي، نديم افضل چن جي چيئرمين شپ ۾ اسٽينڊنگ ڪميٽي ٻن آڊٽ رپورٽن جو جائزو ورتو ۽ 30.9 ارب روپين جون ريڪوريون ڪيون، ان ڪميٽي نيب کي 33 ۽ ايف آءِ اي کي 13 ڪيس ريفر ڪيا، سيد خورشيد احمد شاهه جي چيئرمين شپ ۾ اسٽينڊنگ ڪميٽي (2018-2013) 7 آڊٽ رپورٽن جو جائزو ورتو ۽ 335 ارب روپين جي ريڪوري ڪئي، ان ڪميٽي نيب کي 168 ۽ ايف آءِ اي کي 56 ڪيس ريفر ڪيا، ان کانسواءِ ڪميٽي گرينڊ حيات، مختلف وزارتن ۾ بي ضابطگين، اسلام آباد انٽرنيشنل ايئرپورٽ، رائل پام ڪلب، پي ايس ڊي پي جي منصوبن ۾ دير، ريڪوڊڪ ۽ نولانگ ڊيم بابت معاملن جو به تفصيلي جائزو ورتو هو، سيد فخر امان جي سوال تي پي اي سي جي ايڊيشنل سيڪريٽري ٻڌايو ته ڪنهن معاملي ۾ بي ضابطگين بابت ڪيسز نيب يا ايف آءِ اي کي ريفر ڪرڻ ڪميٽي جو صوابديدي اختيار آهي، شيخ روحيل اصغر جي سوال تي هن ٻڌايو ته نيب ۽ ايف آءِ اي وٽ پي اي سي جا 17 ڪيسز انڊر ٽرائل جڏهن ته 11 جاچ جي مرحلي ۾ آهن، شيري رحمان جي پڇاڻي ۽ ڪميٽي چيئرمين جي هدايت تي نيب عملدارن ڪميٽي کي ٻڌايو ته ڪميٽي پاران موڪليل ڪيسن تي اڳڀرائي بابت سومر ڏينهن ڪميٽي کي تفصيلي طور تي ٻڌايو ويندو، آڊيٽر جنرل آف پاڪستان جاويد جهانگير اجلاس دوران آڊٽ بابت معاملن تي ڪميٽي کي بريفنگ ڏني، هن ٻڌايو ته التوا ۾ پيل آڊٽ پيراز کي اڪلائڻ جي طريقيڪار کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي گنجائش موجود آهي، نور عالم خان رائل پام ڪلب جي معاملي تي ڪميٽي کي آگاهه ڪرڻ جو مطالبو ڪيو، سردار نصرالله دريشڪ ٻڌايو ته هي ڪميٽي جو پهريون اجلاس آهي ان لاءِ وڌيڪ ۽ غيرضروري جلد بازي جي ضرورت نه آهي. ڪميٽي ميمبرن طرفان سوال تي ٻڌايو ويو ته واپڊا عملدار نولانگ ۽ ٻين ڊيمن تي اڳڀرائي بابت ايندڙ اجلاسن ۾ ڪميٽي کي آگاهه ڪندا، هڪ سوال تي آڊيٽر جنرل آف پاڪستان جاويد جهانگير ٻڌايو ته آڊيٽر جنرل جو ڪم مالي معاملن بابت معاملن ۾ نشاندهي ڪرڻ هوندو آهي، سفارشن تي عملدرآمد انتظاميا جو ڪم آهي، شيخ روحيل اصغر، سيد فخر امام، رياض فتيانه ۽ ٻين ميمبرن چيو ته مختلف وزارتن ۾ ڊي اي سي ڪم ڪري رهي آهي ان جو مدو ٽي مهينن بدران هڪ مهينو ڪرڻ گهرجي، ڪميٽي جي چيئرمين چيو ته مسلم ليگ (ن) جي حڪومتي دور بابت آڊٽ پيراز بابت اجلاسن جي صدارت هو نه ڪندو، هن چيو ته ايندڙ هفتي ڪميٽي جي اجلاسن جي دوران پي ايم ايل (ن) جي حڪومتي دور بابت آڊٽ پيراز جو جائزو وٺڻ جي لاءِ ٽي يا چار ذيلي ڪميٽين جي قيام جو عمل آندو ويندو، هن چيو ته خورشيد شاهه ۽ چوڌري نثار علي خان جي چيئرمين شپ ۾ اسٽينڊنگ ڪميٽين سٺو ڪيو آهي، اجلاس جي آخر ۾ راجا رياض جي تجويز تي سيد خورشيد شاهه ۽ چوڌري نثار علي خان جي چيئرمين شپ جي اسٽينڊنگ ڪميٽين جي ڪارڪردگي کي خراج تحسين پيش ڪرڻ جي قرارداد به منظور ڪئي وئي، پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جو اجلاس سومر ڏينهن ٻنپهرن جو ٻه وڳي ٿيندو.