وزيراعظم پرڏيهي معاملن بابت مشاورتي ڪائونسل قائم ڪري ڇڏي

وزيراعظم پرڏيهي معاملن بابت مشاورتي ڪائونسل قائم ڪري ڇڏي

اسلام آباد (پاکستان پوائنٹ نیوز28دسمبر 2018ء) پرڏيهي معاملن بابت مشاورتي ڪائونسل قائم ڪئي وئي آهي، وزيراعظم مشاورتي ڪائونسل قائم ڪرڻ جي باضابطا منظوري ڏئي ڇڏي آهي. ڪائونسل پرڏيهي پاليسي بابت غيرجانبداراڻي راءِ ڏيندي. ايڊوائيزري ڪائونسل تجربيڪار ماڻهن تي ٻڌل آهي ان ۾ اڳوڻا سفير ۽ فارن سيڪريٽري پڻ شامل آهن اهي سمورا سفارتڪار، پنهنجي وسيع تجربي جي بنياد تي پنهنجي ماهراڻي راءِ ڏيندا. پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي ڪائونسل جو چيئرمين هوندو جڏهن ته ڪائونسل جي ميمبرن ۾ اڳوڻو سفير سلمان بشير، جليل عباس جيلاني، اشرف جهانگير قاضي، محمد صادق، ڊاڪٽر رفعت حسين، ڊاڪٽر هما باقي، ڊاڪٽر حسن عسڪري رضوي، ڊاڪٽر عادل انجم، ڊاڪٽر رابيعه اختر ۽ قاسم نياز ۽ ٻين ميمبرن ۾ قانون ۽ انصاف وارو وزير، ناڻي وارو وزير، واپار وارو صلاحڪار، ٽيڪسٽائيل ۽ صنعت ۽ پيداوار وارو وزير، منصوبابندي، ترقي ۽ سڌارن وارو وزير، پرڏيهي سيڪريٽري، انسٽيٽيوٽ آف اسٽريٽجڪ اسٽڊيز اسلام آباد جو ڊائريڪٽر جنرل، فارن سروس اڪيڊمي جو ڊائريڪٽر جنرل ۽ فارن منسٽر آفيس جو ايڊيشنل سيڪريٽري شامل آهن. ڪائونسل جا سمورا ميمبر اعزازي بنيادن تي خدمتون سرانجام ڏيندا ۽ ضرورت پوڻ تي پرڏيهي وزير لاڳاپيل شعبي ۾ اهليت ۽ تجربي جي بنياد تي ايڊهاڪ اضافي ڪائونسل ميمبر مقرر ڪري سگهندو.