اسلام آباد (پاکستان پوائنٹ نیوز27دسمبر 2018ء) وزيراعظم عمران خان ڪالهه خميس ڏينهن پمز اسپتال جو اوچتو دورو ڪيو. وزيراعظم بهتر انتظامن ۽ سروسز جي فراهمي تي اسپتال انتظاميا جي ڪارڪردگي کي ساراهيو. وزيراعظم مريضن کي دوائن جي فراهمي بابت اسپتال انتظاميا کان پڇيو. هن اسپتال ۾ علاج هيٺ مريضن سان پڻ ڳالهايو، مريضن علاج ۽ ٻين سهولتن جي حوالي سان اطمينان جو اظهار ڪيو. وزيراعظم عمران خان اسپتال جي نيورو سرجري، آرٿوپيڊڪ، اکين جي مرضن ۽ ايمرجنسي سميت مختلف شعبن جو دورو ڪيو. هن اسپتال انتظاميا کي هدايت ڪئي ته مريضن کي معياري علاج جي سهولتن جي فراهمي جي تسلسل کي جاري رکيو وڃي. صحت وارو وزير عامر محمود ڪياني، خصوصي معاون افتخار دراني، سينيٽر فيصل جاويد ۽ نوشيروان برڪي وزيراعظم سان گڏ هئا.
وزيراعظم عمران خان جو پمز اسپتال جو اوچتو دورو
7 سال پھريان
