وزيراعظم عمران خان پنجاب جي وڏي وزير جي تصوير پنهنجي ٽوئيٽ تي رکي ڇڏي

وزيراعظم عمران خان پنجاب جي وڏي وزير جي تصوير پنهنجي ٽوئيٽ تي رکي ڇڏي

اسلام آباد (پاکستان پوائنٹ نیوز27دسمبر 2018ء) وزيراعظم عمران خان پنجاب جي وڏي وزير سردار عثمان بوزدار جي عام ماڻهن کي پاڻ سان گڏ ويهاري مسئلا ٻڌندي تصوير کي پنهنجي ٽوئيٽ اڪائونٽ تي پوسٽ ڪندي چيو آهي ته ”هي آهي نئون پاڪستان“. ان تصوير ۾ پنجاب جي وڏي وزير سردار عثمان بوزدار کي عام ماڻهن کي پاڻ سان گڏ صوفا تي ويهاري انهن جا مسئلا ٻڌندي ڏيکاريو ويو آهي. تصوير ۾ 3 وڏي عمر جا بزرگ وزيراعليٰ سان گڏ هڪ ئي صوفا تي ويهي کيس پنهنجي مسئلن کان آگاهه ڪري رهيا آهن جڏهن ته وڏو وزير پنهنجي هٿن ۾ انهن جون درخواستون کڻي رکيون آهن ۽ انهن جا مسئلا غور سان ٻڌندي ڏسڻ ۾ اچي رهيو آهي. وزيراعظم وڏي وزير جي عاجزي ۽ عام ماڻهن سان ويجها لاڳاپا رکڻ کان متاثر ٿي اها تصوير پنهنجي ٽوئيٽر اڪائونٽ تي شيئر ڪئي ۽ پنهنجي ٽوئيٽ ۾ تصوير تي تبصرو ڪندي چيو ته ”هي آهي نئون پاڪستان. هڪ تصوير هزار لفظن کان وڌيڪ قدر ۽ قيمت رکندڙ آهي.“ هتي اها ڳالهه ذڪر جوڳي آهي ته وزيراعظم عمران خان حڪمران طبقي جي شاهاڻي طرز زندگي ۽ عام ماڻهن کان پري هجڻ کي پنهنجي تقريرن ۽ بيانن ۾ بار بار تنقيد جو هدف بڻائيندو رهيو آهي ۽ انهن کي سدائين ڪفايت شعاري، سادگي ۽ عام ماڻهن سان ويجها رابطا رکڻ تي زور ڏنو آهي.