وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ توانائي بابت ڪابينا ڪميٽي جو اجلاس

وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ توانائي بابت ڪابينا ڪميٽي جو اجلاس

اسلام آباد (پاکستان پوائنٹ نیوز26دسمبر 2018ء) وزيراعظم عمران خان هدايت ڪئي آهي ته پيٽروليم واري وزارت گئس چوري سبب نقصانن ۾ گهٽتائي بابت تفصيلي منصوبو پيش ڪري، قابل تجديد توانائي بابت پاليسي کي جنوري جي آخر تائين حتمي شڪل ڏني وڃي، توانائي جي شعبي ۾ نظم ۽ ضبط جي حوالي سان درپيش مسئلن جي حل ۽ لاڳاپيل ادارن جي وچ ۾ رابطن ۾ بهتري جي ضرورت تي زور ڏيندي وزيراعظم توانائي جي فراهمي ۾ رڪاوٽ کان بچڻ جي لاءِ توانائي جي شعبي ۾ طلب ۽ پهچ بابت وقت سر ۽ صحيح ڪاٿي جي ضرورت تي زور ڏنو آهي. توانائي بابت ڪابينا ڪميٽي جو اجلاس ڪالهه اربع ڏينهن وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ ٿيو. اجلاس ۾ وزيراعظم کي توانائي جي شعبي ۾ طلب ۽ پهچ جي صورتحال، ايندڙ 6 مهينن جي لاءِ پيٽروليم ۽ توانائي ڊويزن جي منصوبن، موجوده توانائي مڪس، مقامي ۽ امپورٽيڊ گئس جي دستيابي ۽ فراهمي ۽ توانائي جي شعبي بابت مختلف مسئلن تي اڳڀرائي تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. اجلاس ۾ سرديءَ جي موسم دوران سوئي ناردرن گئس پائيپ لائينز ۽ سوئي سدرن گئس ڪمپني جي گئس مئنيجمينٽ منصوبن تي بريفنگ ڏني وئي. اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته اوچتو گرمي پد گهٽ ٿيڻ ۽ گئس جي طلب ۾ اضافو ٿيڻ جي باوجود گهريلو، ڪمرشل صارفين ۽ زيرو ريٽيڊ انڊسٽريز کي تازي موسم دوران گئس جي فراهمي يقيني بڻائي وئي آهي. سي اين جي ۽ عام صنعتن جي ڪيپٽو پاور پلانٽس جي لاءِ گئس لوڊشيڊنگ ۾ گهٽٽائي جي لاءِ پڻ قدم کنيا پيا وڃن. درآمدي ٻارڻ بابت خيالن جي ڏي وٺ دوران فرنس آئل جي وڌيڪ درآمد تي فوري طور تي پابندي هڻڻ جو فيصلو ڪيو ويو. اجلاس ۾ مقامي ريفائنريز پاران فرنس آئل جي پيداوار ۽ اسٽوريج تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته ريفائنريز جي مشاورت سان موجوده سهولتن ۾ بهتري بابت ۽ سرپلس فرنس آئل جي برآمد جي لاءِ ترجيحي بنيادن تي ٺوس منصوبابندي تي ڪم ڪيو وڃي. اجلاس ۾ اهو به فيصلو ڪيو ويو ته اقتصادي رابطا ڪميٽي جي ايندڙ اجلاس ۾ ملڪ ۾ ڀاڻ جي دستيابي ۽ ان جي قيمتن بابت بريفنگ ڏني ويندي. اجلاس ۾ اهو به فيصلو ڪيو ويو ته آر ايل اين جي ٽرمينل جي وڌ کان وڌ استعمال کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ تفصيلي منصوبو جوڙيو ويندو. اجلاس ۾ اهو به فيصلو ڪيو ويو ته توانائي ڊويزن پهچ، ورڇ، نقصانن ۽ اوڳاڙين بابت ڪميٽي کي ڊسڪوز جي بنياد تي ماهوار رپورٽ جمع ڪرائيندي. توانائي جي ڪابينا ڪميٽي پاران پيٽروليم واري وزارت کي اها هدايت ڪئي وئي ته اها گئس چوري جي ڪري نقصانن ۾ گهٽتائي بابت تفصيلي منصوبو پيش ڪري. وزيراعظم هدايت ڪئي ته قابل تجديد توانائي بابت پاليسي کي جنوري جي آخر تائين حتمي شڪل ڏني وڃي. توانائي جي شعبي ۾ نظم ۽ ضبط جي حوالي سان درپيش مسئلن جي حل ۽ لاڳاپيل ادارن جي وچ ۾ رابطن ۾ بهتري جي ضرورت تي زور ڏيندي وزيراعظم توانائي جي فراهمي ۾ رڪاوٽ کان بچڻ جي لاءِ توانائي جي شعبي ۾ طلب ۽ پهچ بابت وقت سر ۽ صحيح ڪاٿي جي ضرورت تي زور ڏنو آهي.