27 ڊسمبر ملڪي تاريخ جو ڪارو ڏينهن آهي: سيد نيئر حسين بخاري

27 ڊسمبر ملڪي تاريخ جو ڪارو ڏينهن آهي: سيد نيئر حسين بخاري

اسلام آباد (پاکستان پوائنٹ نیوز26دسمبر 2018ء) پاڪستان پيپلزپارٽي جي جنرل سيڪريٽري سيد نيئر حسين بخاري چيو آهي ته 27 ڊسمبر ملڪي تاريخ جو ڪارو ڏينهن آهي. بينظير ڀٽو جي شهادت پاڪستان جي روشن مستقبل جو قتل هو. ملڪ ۽ قوم جي دشمنن قومي قائد کي عوام کان جدا ڪيو. هن چيو ته بينظير ڀٽو ماڻهن جي دلين ۾ زندهه آهي ۽ قاتل پنهنجي پاڇي کان ڊنل آهن. بي بي شهيد پاڪستان بچائڻ خاطر جان جي قرباني ڏني. هن چيو ته بي بي شهيد جو سوات ۾ پاڪستان جو جهنڊو ڦڙڪائڻ قومي ڪارنامو هو.