وزيراعظم عمران خان ۽ پي ٽي آءِ اهو مينڊيٽ کڻي آئي آهي ته اسان کي احتساب ڪرڻو آهي ۽ چورن کي پڪڙڻو آهي، نواز شريف ۽ آصف علي زرداري دنيا جو سڀ کان وڏو مني لانڊرنگ جو نيٽ ورڪ هلائيندا رهيا آهن: وفاقي وزير چوڌري فواد حسين

وزيراعظم عمران خان ۽ پي ٽي آءِ اهو مينڊيٽ کڻي آئي آهي ته اسان کي احتساب ڪرڻو آهي ۽ چورن کي پڪڙڻو آهي، نواز شريف ۽ آصف علي زرداري دنيا جو سڀ کان وڏو مني لانڊرنگ جو نيٽ ورڪ هلائيندا رهيا آهن: وفاقي وزير چوڌري فواد حسين

اسلام آباد (پاکستان پوائنٹ نیوز25دسمبر 2018ء) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان ۽ پي ٽي آءِ اهو مينڊيٽ کڻي آئي آهي ته اسان کي احتساب ڪرڻو آهي ۽ چورن کي پڪڙڻو آهي، نواز شريف ۽ آصف علي زرداري دنيا جو سڀ کان وڏو مني لانڊرنگ جو نيٽ ورڪ هلائيندا رهيا آهن، نواز ۽ زرداري جو طريقه واردات بلڪل هڪ جهڙو هو، حديبيه مل، عزيزيه مل، پاڪ لينڊ، هل ميٽل مل ڪاغذي ڪمپنيون آهن، انهن ڪمپنين ۾ رڳو پراجيڪٽ جي ڪميشن ٻاهر ادا ٿيندي پوءِ اها واپس پاڪستان ايندي هئي، نواز ۽ زرداري جي وچ ۾ چارٽر آف ڪرپشن طئي هو، انهن ٻنهي جمهوريت جو نالو ڦرلٽ رکيو هو، ڦرلٽ جاري رهي ته جمهوريت کي هٿي ملي ٿي ۽ جيڪڏهن انهن تي هٿ وجهو ته جمهوريت خطري ۾ پئجي وڃي ٿي، نواز شريف پارليامينٽ، سپريم ڪورٽ، هاءِ ڪورٽ، احتساب عدالت ۾ ڪٿي به پئسن جو حساب نه ڏئي سگهيو، جڏهن ادارا خودمختيار ٿي ويا ته وڏا وڏا چور پڪڙيا پيا وڃن، اسان جي حڪومت نواز شريف ۽ آصف علي زرداري جي خلاف ڪيس ناهن ٺاهيا، رڳو آزاد جاچ ۾ سهولت ڏئي رهيا آهيون، (ن) ليگ جي پريس ڪانفرنس فلاپ شو هو، انهن جي چهرن مان ظاهر هو ته اهي ڪوڙ ڳالهائي رهيا آهن، ماڻهن ٻڌڻ ٿئي چاهيو ته عدالت جي اندر نواز شريف تي جيڪي الزام ثابت ٿيا انهن جو جواب ته ڏين، (ن) ليگ جو رڳو اهو جواب آيو ته اسان چور آهيون. هو ڪالهه اڱاري ڏينهن هتي وزيراعظم جي روينيو بابت خصوصي معاون حماد اظهر، سينيٽ ۾ قائد ايوان شبلي فراز سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهيو هو، عدالتي فيصلي کانپوءِ اڄ اربع ڏينهن اسپيشل انويسٽيگيشن يونٽ سعودي عرب ويندو ۽ نواز شريف فيملي جي مل ۽ ملڪيتن جي حوالي سان ڪم شروع ڪندو. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو ته ٺگز آف پاڪستان جي مارڪيٽنگ ٽيم پنهنجو شو پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي جيڪو مڪمل فلاپ شو هو، پريس ڪانفرنس ڪندڙن جا چهرا ٻڌائي رهيا آهن ته اهي ڪوڙ ڳالهائي رهيا آهن، پاڪستان مٿان ڪنوينشنل ليگ ۽ قائداعظم ليگ وانگر پي ٽي آءِ کي مڙهڻ جي ڳالهه ڪندڙ احسن اقبال 80ع جي ڏهاڪي کي وساري ڇڏيو، (ن) ليگ کي ڪنهن مڙهيو هو، ضياءَ الحق جو نالو به انهن کي ياد هجڻ گهرجي، ميان شريف صاحب، ميان نواز شريف ۽ شهباز شريف جنرل ضياءَ الحق جي نالي کان اڳ ڪائونسل به نه چونڊيا. هن چيو ته (ن) ليگ کي مسلم ليگ (ق) جيڪڏهن ايتري خراب لڳي ٿي ته ان جو اڳوڻو سيڪريٽري جنرل انهن جي ڪڇ ۾ ڇو ويٺو هو. هن چيو ته ماڻهن ٻڌڻ ٿئي چاهيو ته عدالت جي اندر جيڪي الزام ثابت ٿيا ان جو جواب ته ڏين، جواب آيو ته اسان چور آهيون، باقي سڀ به چور آهن. چوڌري فواد چيو ته اسان عدالتي فيصلي کانپوءِ قوم کي اهو ٻڌائي رهيا آهيون ته نواز شريف ۽ آصف زرداري تي ٻڌل ٺگز آف پاڪستان ڇا ڪري رهيا آهن، ڪالهه جي عدالتي فيصلي ۾ نواز شريف جا پنهنجا ڊڪليئر اثاثا 1 ڪروڙ 5 لک 19 هزار 121 رپيا 2001ع ۾ ڊڪليئر هئا پر العزيزيه مل 63 ملين ريال ۾ وڪرو ڪئي وئي ۽ 18 ڏينهن جي اندر هل ميٽل جي نالي سان لڳائي جنهن تي 93 ملين ريال لاڳت آئي، عدالت انهن کان اهو ئي پڇيو هو ته اهو ٻڌايو ته پئسا ڪٿان آيا آهن. هن چيو ته نواز شريف ۽ آصف علي زرداري جو ٻيو ڪم نه هو ۽ ملون، ڪمپنيون رڳو ڪاغذي هيون انهن جو رڳو اهو ڪم هو ته نالين، رستن، اسپتالن، اسڪولن، غريبن جي سبسڊي جي پئسن تي ڪيئن ڪميش ورتي وڃي ٿي. هن چيو ته سعد رفيق ۽ شهباز شريف جي رهڻي ڪهڻي جو جيڪو اسٽائل، بلٽ پروف گاڏيون، 10، 10 گهر، مري لنڊن ۾ جدا جدا گهر هئا اهي انهن جي آمدني سان نه ٿا ملن. هن چيو ته اسان نواز شريف کي گرفتار نه ڪيو، نيب ان وقت تائين نواز شريف کي گرفتار نه ڪيو جيستائين ريفرنس پينڊنگ هو، شهباز شريف ۽ سعد رفيق کي ڇا لاءِ گرفتار ڪيو ويو نيب ان جي به وضاحت ڪري ڇڏي هئي، شهباز شريف کي ڪيس ۾ ٽيمپرنگ ۽ سعد رفيق کي گواهن کي ڊيڄارڻ ۽ رڪارڊ گم ڪرڻ تي گرفتار ڪيو ويو آهي. هن چيو ته وزيراعظم عمران خان ڪنهن کي نه چوندو ته ڪنهن جي خلاف امتيازي سلوڪ ڪيو يا ڪنهن کي رليف ڏيو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته زرداري جي خلاف مني لانڊرنگ جي حوالي سان 2015ع ۾ جاچ شروع ٿي پوءِ اوچتو اها جاچ روڪي وئي هئي. هن چيو ته پاڪستان پيپلزپارٽي جي دور ۾ ٻاهريان قرض 6 ٽريلين هئا ۽ جڏهن نواز شريف اقتدار ۾ آيو ته اهي قرض 30 ٽريلين تائين پهچي ويا، سنڌ جي عوام سان وڌيڪ همدردي آهي، پي ايس ڊي پي جو 35 سيڪڙو زرداري گروپ وٽ هليو ويو، پنجاب جي منصوبن جو حصو حسن، حسين ۽ شهباز شريف وٽ هليو ويو، هڪ طريقي سان ڪميشن جو طريقو طئي ڪيو ويو هو. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته مسلم ليگ (ن) وارا منهنجي، شيخ رشيد سميت ڪابينا جي ڪنهن به ميمبر جا اثاثا ڄاڻڻ چاهين ٿا ته اهي ڏسي وٺن اسان جيڪي ڊڪليئر ڪيا آهن اهي ئي اسان جا اثاثا آهن. وزيراعظم جي روينيو بابت خصوصي معاون حماد اظهر چيو ته هل ميٽل ڪمپني جو 88 سيڪڙو منافعو نواز شريف ۽ 10 سيڪڙو ملازمن کي موڪليو ويو، عدالت به ان کان اهو ئي سوال پڇيو هو ته انهن ڪمپنين تي خرچ ڪرڻ وارا پئسا ڪٿان آيا ته ان جو جواب ڏيڻ بدران (ن) ليگ وارا چون ٿا ته عليمه خان وٽ پئسا ڪيئن آيا آهن، عليمه خان ڪڏهن به ڪنهن عهدي تي ناهي رهي ۽ ان جي باوجود به هن پنهنجي مني ٽريل پيش ڪري ڇڏي آهي، جيڪڏهن هوءَ به مني ٽريل ثابت نه ڪري سگهي ها ته ان جي خلاف به قانون موجب ڪارروائي ٿئي ها. هن چيو ته نواز شريف ۽ آصف علي زرداري جون ڪمپنيون اومني گروپ، العزيزيه، هل ميٽل مني لانڊرنگ جون وهيڪلز هيون. هن هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته بجيٽ خسارو گهٽ ڪرڻ جي لاءِ جيڪڏهن ڪو قدم کڻڻو پيو ته کڻنداسين، موجوده حڪومت عام عوام، ڪاروباري طبقي تي لاڳو ٽيڪسن کي گهٽ ڪرڻ چاهي ٿي، اڳ ۾ به جيڪا مني بجيٽ آندي وئي ان ۾ ڪو نئون ٽيڪس ناهي لڳايو ويو. هن چيو ته جڏهن آمدني ۽ خرچن ۾ اضافو وڌي وڃي ٿو جن تي قرض وٺڻو پوي ٿو، پاڪستان جي رپئي جي قدر گهٽ ٿئي ٿي. هن چيو ته 2 وڏا خاندان دنيا جو سڀ کان وڏو ڪرپشن گروپ هلائي رهيا هئا، انهن کي منطقي انجام تائين پهچائينداسين. هن جي آءِ ٽي کي ساراهيندي چيو ته جي آءِ ٽي ڏکين ٽرانزيڪشن کي ڪاميابي سان ٽريس ڪيو آهي، ڏکيائين جو هڪ ڄار وڇائي پئسا ٻاهر موڪليا ويندا هئا جنهن کي جي آءِ ٽي بي نقاب ڪيو آهي. سينيٽ ۾ قائد ايوان شبلي فراز چيو ته اهو چيو پيو وڃي ته احتساب جي ڪري ٻن پارٽين جي سربراهن سان جيڪو ٿي رهيو آهي ان سان جمهوريت ڪمزور ٿي رهي آهي، انهن کي جواب آهي ته احتساب سان جمهوريت وڌيڪ مضبوط ٿيندي آهي. هن چيو ته نواز شريف ۽ آصف علي زرداري اهڙن آفيسرن کي سدائين نوازيو جيڪي انهن جي ڪرپشن لاءِ موزون هئا.