نئون پاڪستان ي قائداعظم جو پاڪستان آهي: وزيراعظم عمران خان

نئون پاڪستان ي قائداعظم جو پاڪستان آهي: وزيراعظم عمران خان

اسلام آباد (پاکستان پوائنٹ نیوز25دسمبر 2018ء) وزيراعظم عمران خان نئين پاڪستان کي قائداعظم جو پاڪستان قرار ڏيندي چيو آهي ته حڪومت ڀارت جي ابتڙ پاڪستان ۾ اقليتن کي برابر حقن جي فراهمي يقيني بڻائيندي. ڪالهه اڱاري ڏينهن قائداعظم جي پيدائش واري ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته قائداعظم پاڪستان کي هڪ جمهوري ملڪ قرار ڏنو جتي سڀني سان انصاف ۽ برابر سلوڪ جي فراهمي يقيني آهي. سڀ کان اهم ڳالهه اها آهي ته باني پاڪستان قائداعظم اقليتن کي برابر شهري حقن جي فراهمي چاهيندو هو. وزيراعظم چيو ته اسان کي اها ڳالهه ياد رکڻ گهرجي ته پنهنجي اولين سياسي ڪيريئر ۾ قائداعظم هندو مسلم اتحاد جو سفير هو. هن چيو ته قائداعظم جي مسلمانن لاءِ جدا ملڪ جي جدوجهد ان وقت شروع ٿي جڏهن کيس احساس ٿيو ته ننڍي کنڊ جي هندو اڪثريت پاران مسلمانن کي برابر شهري حق فراهم نه ڪيا ويندا. هن چيو ته نئون پاڪستان قائداعظم جو پاڪستان آهي ۽ اسان ان ڳالهه کي يقيني بڻائينداسين ته اقليتن کي برابر شهري حق دستياب هجن جڏهن ته ڀارت ۾ ان جي ابتڙ ٿي رهيو آهي.