اڄ قائداعظم محمد علي جناح جي سالگرهه جي موقعي تي 20 هين صدي جي عظيم اڳواڻ کي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا: وزيراعظم عمران خان

اڄ قائداعظم محمد علي جناح جي سالگرهه جي موقعي تي 20 هين صدي جي عظيم اڳواڻ کي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا: وزيراعظم عمران خان

اسلام آباد (پاکستان پوائنٹ نیوز25دسمبر 2018ء) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته اڄ قائداعظم محمد علي جناح جي سالگرهه جي موقعي تي 20 هين صدي جي عظيم اڳواڻ کي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا جنهن پنهنجي نظريي ۽ سوچ سان تاريخ بدلائي ڇڏي ۽ مسلمانن جي حقن لاءِ بي مثال ۽ اڻٿڪ جدوجهد ڪئي، اسان جي قائد ننڍي کنڊ جي مايوس مسلمانن ۾ اميد جي نئين روح وڌي، انهن جي آئيني جدوجهد جي نتيجي ۾ دنيا جي نقشي تي هڪ آزاد مسلمان رياست وجود ۾ آئي. وزيراعظم آفيس پاران جاري بيان موجب وزيراعظم عمران خان باباءِ قوم قائداعظم محمد علي جناح جي پيدائش جي ڏهاڙي جي موقعي تي ڪالهه اڱاري ڏينهن پنهنجي خاص پيغام ۾ چيو ته اڄ قائداعظم جي سالگرهه ملهائيندي اسان کي اهو ڏسڻو پوندو ته اسان پنهنجي عظيم قائد جي ٻڌايل اصولن موجب ڪيتري حد تائين ڪامياب ٿيا آهيون. هن چيو ته اڄ اسان کي باني پاڪستان جي ويزن تي عمل ڪرڻ جي عزم کي ورجائڻو پوندو. اسان جي قائد اسان جي لاءِ هڪ آزاد ملڪ قائم ڪيو جتي اسان آزادي سان ساهه کڻي ۽ رهي سگهو ٿا جتي اسان کي ڪنهن به قسم جو ڪو به ڊپ نه آهي ۽ اسان پنهنجي مرضي ۽ آزادي سان زندگي گذاري سگهون ٿا. هڪ اهڙو ملڪ جتي اسان پنهنجي مذهب ۽ ثقافت موجب پنهنجي زندگي گذاري سگهون ٿا ۽ هتي مديني جي رياست جي ماڊل جي پيروي ڪئي ويندي ته جيئن اسان جو ملڪ انصاف تي ٻڌل ۽ خوشحال رياست بڻجي سگهي. هن چيو ته قائداعظم هڪ اهڙو معاشرو چاهيندو هو جتي هر شهري کي برابر حق حاصل هجن ۽ جتي قانون جي حڪمراني سپريم هجي ۽ هڪ اهڙي رياست جتي معاشري جي سمورن طبقن کي انهن جي صلاحيتن موجب ترقي ۽ خوشحالي جا ڀرپور موقعا ميسر هجن. وزيراعظم چيو ته قائداعظم کي خراج تحسين پيش ڪرڻ جو بهترين طريقو اهو آهي ته ان جي ويزن تي عمل ڪيو وڃي ۽ ان جي اتحاد، ايمان ۽ تنظيم جي رهنما اصولن تي انفرادي ۽ اجتماعي طور تي عمل ڪيو وڃي ته جيئن اسان پنهنجي ملڪ کي مڪمل طور تي فلاحي، ترقي يافته ۽ خوشحالي رياست بڻائي سگهون. هن چيو ته اڄ اسان کي اهو عزم ورجائڻ گهرجي ته اسان پنهنجي غلطين کي نه ورجائينداسين ۽ اسان سڀ گڏجي هڪ قوم جي حيثيت سان ڪم ڪنداسين ته جيئن قائداعظم جي ويزن کي حقيقت جو روپ ڏئي سگهجي ۽ اسان پنهنجي ملڪ کي دنيا جي قومن ۾ ان جو مناسب مقام ڏياري سگهون. اي پي پي/ع – ک 18:22