قوم پنهنجي محسن کي اڄ جي ڏينهن خراج عقيدت پيش ڪري ٿي: وفاقي وزير چوڌري فواد حسين

قوم پنهنجي محسن کي اڄ جي ڏينهن خراج عقيدت پيش ڪري ٿي: وفاقي وزير چوڌري فواد حسين

اسلام آباد (پاکستان پوائنٹ نیوز25دسمبر 2018ء) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته پوري قوم پنهنجي محسن کي اڄ جي ڏينهن خراج عقيدت پيش ڪري ٿي، قائداعظم محمد علي جناح آئين ۽ قانون جي حڪمراني تي پڪو يقين رکندو هو. ڪالهه اڱاري ڏينهن چوڌري فواد حسين باباءِ قوم قائداعظم محمد علي جناح جي پيدائش واري ڏهاڙي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته قائد اهڙو پاڪستان چاهيندو هو جتي هر ماڻهو پنهنجي مذهب، عقيدي ۽ سوچ موجب پنهنجي زندگي گذاري سگهي. هن چيو ته انتهاپسنداڻي سوچ قائد جي فڪر جي منافي آهي، باباءِ قوم پاڪستان تي پنهنجو سڀ ڪجهه لٽائي ڇڏيو، پاڪستان ۽ نظريه پاڪستان امانت آهي، ان جي حفاظت هر محب وطن جو قومي فرض آهي. هن چيو ته شهداءِ پاڪستان جي لاءِ اڄ پوري قوم الله تعاليٰ آڏو دعاڳو آهي. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو ته اڄ جي ڏينهن پاڪستان جي بهادر هٿياربند فوج، سيڪيورٽي ادارن، پوليس، ايف سي ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي پڻ خراج تحسين پيش ڪريان ٿو جن پنهنجي رت سان ڌرتي تي امن جا ڏيئا ٻاريا آهن. هن چيو ته قائداعظم محمد علي جناح اصولن جي علامت هو، عمران خان قائد جي اصولن جي روشني ۾ نئون پاڪستان ٺاهي رهيو آهي. هن چيو ته قائداعظم جي پاڪستان جي امانت ۾ خيانت ڪندڙ ڪنهن رعايت جا مستحق نه آهن. هن چيو ته عوام کي غريب ڪري پنهنجا محل تعمير ڪندڙن جو حساب جو ڏينهن اچي ويو آهي.