اسلام آباد (پاکستان پوائنٹ نیوز25دسمبر 2018ء) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي پنهنجي چيني هم منصب وانگ زي سان ڪالهه اڱاري ڏينهن بيجنگ ۾ ملاقات ڪئي آهي. پرڏيهي وزير علائقائي ملڪن جي دوري تي آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ڊاڪٽر محمد فيصل پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو ته ان موقعي تي ٻطرفن علائقائي مسئلن ۽ خاص طور تي افغانستان ۾ امن قائم ڪرڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان کان اڳ پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي ڪالهه اڱاري جي صبح چين پهتو ته سندس استقبال چين جي پرڏيهي آفيس جي اعليٰ عملدارن ڪيو هو.
پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي جي چيني هم منصب وانگ زي سان ملاقات
7 سال پھريان
