پاڪستان پاران ڪابل ۾ خودڪش حملي ۽ فائرنگ جي مذمت

پاڪستان پاران ڪابل ۾ خودڪش حملي ۽ فائرنگ جي مذمت

اسلام آباد (پاکستان پوائنٹ نیوز25دسمبر 2018ء) پاڪستان ڪابل ۾ سومر ڏينهن سرڪاري عمارت تي خودڪش حملي ۽ فائرنگ جي سخت مذمت ڪئي آهي. ڪالهه اڱاري ڏينهن پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب خودڪش حملي ۽ فائرنگ جي نتيجي ۾ 40 قيمتي انساني جانين جو زيان ٿيو هو جڏهن ته ٻيا ڪيترائي ماڻهو به زخمي ٿيا هئا. بيان ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان حملي ۾ مارجي ويندڙن جي خاندانن سان تعزيت ڪري ٿو ۽زخمين جي جلد صحتيابي جي لاءِ دعاڳو آهي. ڏک جي هن گهڙيءَ ۾ پاڪستان پنهنجي افغان ڀائرن ۽ حڪومت سان گڏ آهي. اسان گڏيل دشمن دهشتگردي جي خاتمي لاءِ افغانستان جي ڪاررواين جي حمايت کي ورجايون ٿا.