اسلام آباد (پاکستان پوائنٹ نیوز24دسمبر 2018ء) وزيراعظم جي احتساب بابت خصوصي معاون شهزاد اڪبر چيو آهي ته جعلي اڪائونٽس بابت جي آءِ ٽي رپورٽ ۾ آصف علي زرداري ۽ اومني گروپ جي جعلي اڪائونٽس ذريعي اربين رپين جي منتقلي ثابت ٿي چڪي آهي، ان ڪيس جي سمورن ڪردارن تي 16 جدا جدا ريفرنسز داخل ۽ اثاثا منجمند ڪرڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي، وفاقي حڪومت جي گذارش آهي ته اومني گروپ جعلي اڪائونٽس جي سمورن ڪردارن جا نالا اي سي ايل ۾ وجهڻ جي لاءِ عدالت هدايتون ڏي يا جاچ ادارا سفارش ڪن، جعلي اڪائونٽس ۾ رقمن جي منتقلي جي لاءِ سنڌ حڪومت کي به هر طرح استعمال ڪيو ويو، مراد شاهه جو وڏي وزير ۽ سنڌ جي ناڻي واري وزير جي حيثيت سان ان معاملي ۾ ڪردار رهيو، بيمار صنعتي يونٽن جي بحالي لاءِ سبسڊي جا 7.13 ارب، سرڪاري ٺيڪن جا اربين رپيا، 54 ارب رپين جا قرض وڌيڪ ويليو ظاهر ڪري اومني گروپ جي جعلي اڪائونٽس ۾ منتقل ٿيا آهن، رپورٽ ۾ نواز، زرداري ڳٺ جوڙ ثابت ٿيو آهي، نواز شريف جي ايمنسٽي اسڪيم ۾ اومني گروپ سمورن جعلي اڪائونٽس تي معافي گهري پنهنجا اڪائونٽس قرار ڏنا آهن، خدشو آهي ته سنڌ حڪومت جي 1200 ارب رپين جي ترقياتي بجيٽ مان 30 کان 40 سيڪڙو فنڊز جعلي اڪائونٽس ۾ ڪميشن طور زرداري تائين پهتا آهن، جي آءِ ٽي رپورٽ ۾ بحريه ٽائون جو ڪردار پڻ سامهون آيو آهي ته ڪيئن ڪراچي ۾ اربين رپين جي 11 هزار 257 ايڪڙ زمين ڀڳڙن جي مٺ تي حاصل ڪئي وئي، مشتاق نالي فرنٽ مين جو پڻ اهم ڪردار رهيو، آصف علي زرداري گريڊ 12 ۾ ڪلرڪ ڀرتي ڪري مشتاق کي ترقي ڏني ۽ جاچ دوران ان کي پنهنجو مالشي قرار ڏنو، زرداري جي 110 پرڏيهي دورن ۾ مشتاق گڏ هو، ايان جي 100 پرڏيهي دورن ۾ به مشتاق گڏ گڏ رهيو، جي آءِ ٽي جي ان رپورٽ کانپوءِ ٽيڪس بڪ مني لانڊرنگ سان گڏ تصوير به ٺاهي وئي آهي ته ڪيئن مني لانڊرنگ ٿئي ٿي. هو ڪالهه سومر ڏينهن اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهيو هو. وزيراعظم جي احتساب بابت خصوصي معاون شهزاد اڪبر ٻڌايو ته جي آءِ ٽي رپورٽ جي سمري پڙهي دماغ به حيران ٿي ويو، اڃا تائين اهي ماڻهو ڪرپشن، مني لانڊرنگ، جعلي اڪائونٽس ٺاهڻ کان باز نه آيا آهن. هن چيو ته آصف علي زرداري جي ڪرپشن ريفرنس ڪوٽيڪنا ريفرنس کي 1999ع ۾ آمريڪي پارليامينٽ جي خصوصي ڪميٽي ڪيس اسٽڊي طور اسٽڊي ڪيو آهي پر اهو ڪيس هن ڪيس جي سامهون ڪجهه به نه آهي، هي ڪيس گذريل سمورا رڪارڊ ٽوڙي چڪو آهي، جي آءِ ٽي جي هن رپورٽ ايندڙ وقتن ۾ مني لانڊرنگ جي حوالي سان هڪ رخ جو تعين ڪري ڇڏيو آهي، جعلي اڪائونٽس ۾ ٻڌو هو ته 17 کان 20 ڀيرا پئسن جي منتقلي ڪئي ويندي هئي پر اها منتقلي اومني گروپ جي جعلي اڪائونٽس ۾ هئي 48 ڀيرا پئسا وڌا ويا ۽ انهن جي ٻين اڪائونٽس ۾ منتقلي ڪئي وئي آهي انهن ئي سببن جي بنياد تي ايف اي ٽي ايف اسان کي گري لسٽ ۾ رکيو آهي. هن چيو ته زرداري سسٽم رپورٽ ۾ ظاهر ڪري ڇڏيو ته ڪيئن ڦرمار، ٺيڪن ۾ ڪميشن، جعلي اڪائونٽس ۾ پئسن جي منتقلي ۽ پوريون بئنڪون ٺاهيون ويون، اسٽيٽ بئنڪ جي رولز جي خلاف ورزي ڪري سمٽ بئنڪ ٺاهي وئي، ٻاهرئين ملڪ مان 9 ارب جي جيڪا ايڪويٽي ٻاهران اچڻي هئي اها نه آئي رڳو 500 ملين ايڪويٽي جمع ڪرائي وئي، 14 – 2013ع ۾ جڏهن اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان ايڪويٽي گهٽ ٿيڻ جي نشاندهي ڪئي ۽ ايڪويٽي جمع ڪرائڻ جي هدايت ڏني ته 9 ارب رپيا به جعلي اڪائونٽ ذريعي اسٽيٽ بئنڪ کي ڏنا ويا، ان رپورٽ ۾ نواز ۽ زرداري ڳٺ جوڙ به ثابت ٿيو آهي، ڊسمبر 2017ع ۾ مني لانڊرنگ جي لاءِ شڪي ٽرانزيڪشنز سامهون آيون ۽ ان معاملي تي جون 2018ع ۾ سپريم ڪورٽ پاڻمرادو نوٽيس ورتو ۽ معاملي جي تهه تائين پهچڻ جي لاءِ جي آءِ ٽي ٺاهي وئي جنهن ۾ ايف آءِ اي، ايس اي سي پي،نيب، ايف بي آر، انٽيليجنس ادارن کي شامل ڪيو ويو ۽ ٽن مهينن جي مدي ۾ جي آءِ ٽي اها رپورٽ جوڙي آهي. هن ٻڌايو ته جي آءِ ٽي رپورٽ موجب 11 هزار 500 اڪائونٽس جي اينالاسز ڪئي وئي، 924 انفرادي انٽرويوز، 100 کان وڌيڪ جعلي اڪائونٽس اومني گروپ جا سامهون آيا آهن، ان رپورٽ ۾ بحريه ٽائون جي ملڪ رياض جو ڪردار به سامهون اچي چڪو آهي، بحريه ٽائون جي ملڪ رياض جي پٽ زين ملڪ کان ڪميشن مشتاق ذريعي ورتي وئي. هن ٻڌايو ته جعلي اڪائونٽس ذريعي 10.12 بلين پاڪ لين جي ڪميشن ڏني وئي، فريال ٽالپر جي گهر جي لاءِ 3.5 ملين جي سيمنٽ، زرداري هائوس ۾ تعمير جي لاءِ 89. ملين، بلاول هائوس جي يوٽيلٽي بل جي لاءِ 1.5 ملين، زرداري فيملي جي ٽريولنگ جي لاءِ 128 ملين، نئون ديرو ۾ صدارتي هائوس جي تعمير لاءِ 42 ملين جعلي اڪائونٽس مان منتقل ٿيا آهن، اومني ايئر ڪرافٽ تي آصف علي زرداري 110 دورا ڪيا آهن جنهن ۾ سنڌ حڪومت جا وزير ۽ آفيسر به شامل آهن، بطور صدر ملندڙ گفٽ حاصل ڪرڻ جي لاءِ سرڪاري خزاني ۾ جمع ڪرايل رقم، برٿ ڊي ڪيڪ جي لاءِ هڪ لک رپيا، واجد شمس الحسن جي پٽ کي پئسن جي ادائيگي جي رقم به جعلي اڪائونٽس مان منتقل ڪئي وئي. هن چيو ته زرداري جي وڪيل فاروق ايڇ نائيڪ جي نالي به جعلي اڪائونٽس سان ادائيگيون ٿيون جنهن سان پلاٽ خريد ڪيا ويا. آصف علي زرداري 2007ع ۾ بلاول ڀٽو زرداري کي ڪمپني جو ڊائريڪٽر بڻايو ۽ هڪ پلاٽ کي رات وچ ۾ ڪمرشلائيز ڪرايو ويو ان جي ويليو وڌائي جوائنٽ وينچر ذريعي پنهنجي فرنٽ مين کي 14 ارب جو قرض ڏنو ويو، بلاول هائوس جي لاءِ ڏيڍ ارب، گهر خريد ڪرڻ جي لاءِ 5.5 ملين، پاڪستان اسٽيل مل جي 362 ايڪڙ جڳهه وڪرو ڪرڻ تي 32 ملين جي ڪميشن، گلستان جوهر ۾ 7 ايڪڙ جو پلاٽ ڏيڻ تي 46 ملين جي ڪميشن به انهن کي جعلي اڪائونٽس ۾ موڪلي وئي، مندر ۽ لائبريري ۽ پارڪ جا پلاٽس ڀڳڙن جي مٺ تي وڪرو ڪيا ويا آهن ۽ ان جي ڪميشن به جعلي اڪائونٽس ۾ موڪلي وئي آهي. هن چيو ته اعليٰ عدليه سنڌ جي سمورن سرڪاري ٺيڪيدارن، بحريه ٽائون جي ملڪ رياض کي نوٽيسز جاري ڪيا آهن. هن چيو ته اومني گروپ پنهنجي 15 ارب جون ملڪيتون 65 ارب ظاهر ڪري 54 ارب جو قرض نيشنل بئنڪ، سمٽ بئنڪ ۽ سنڌ بئنڪ کان ورتو آهي. هن چيو ته اومني گروپ 2002ع ۾ ٺهيو ۽ ٻه ڪمپنيون رڳو نالي ۾ هيون ۽ اوچتو 08 – 2007ع ۾ اومني گروپ جو گراف مٿي ويو ۽ 83 ڪمپنيون ٺهي ويون.
جعلي اڪائونٽس بابت جي آءِ ٽي رپورٽ ۾ آصف علي زرداري ۽ اومني گروپ جي جعلي اڪائونٽس ذريعي اربين رپين جي منتقلي ثابت ٿي چڪي آهي: شهزاد اڪبر
7 سال پھريان
