نواز شريف کي پارليامينٽ، قوم، سپريم ڪورٽ، جي آءِ ٽي ۽ احتساب عدالت ۾ پاڪستان آندل پئسن کي جائز ثابت نه ڪرڻ تي 7 سال قيد، 25 ملين ڊالر ۽ ڏيڍ ارب ڏنڊ جي سزا ٿي آهي: وفاقي وزير چوڌري فواد حسين

نواز شريف کي پارليامينٽ، قوم، سپريم ڪورٽ، جي آءِ ٽي ۽ احتساب عدالت ۾ پاڪستان آندل پئسن کي جائز ثابت نه ڪرڻ تي 7 سال قيد، 25 ملين ڊالر ۽ ڏيڍ ارب ڏنڊ جي سزا ٿي آهي: وفاقي وزير چوڌري فواد حسين

اسلام آباد (پاکستان پوائنٹ نیوز24دسمبر 2018ء) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته نواز شريف کي پارليامينٽ، قوم، سپريم ڪورٽ، جي آءِ ٽي ۽ احتساب عدالت ۾ پاڪستان آندل پئسن کي جائز ثابت نه ڪرڻ تي 7 سال قيد، 25 ملين ڊالر ۽ ڏيڍ ارب ڏنڊ جي سزا ٿي آهي، عدالت فليگ شپ ريفرنس ۾ ٻار مفرور هجڻ تي فني بنيادن تي نواز شريف کي آزاد ڪيو آهي، نواز شريف کي پنهنجي صفائي پيش ڪرڻ جي لاءِ قوم کي خطاب، پارليامينٽ کي خطاب، سپريم ڪورٽ ۾ ٻڌڻي دوران صفائي جو موقعو ۽ احتساب عدالت ۾ دفاع جو مڪمل موقعو ڏنو ويو پر هو ڪنهن به جڳهه تي پنهنجي پئسن کي جائز قرار نه ٿو ڏئي سگهي، نواز شريف ۽ آصف علي زرداري جو ڪو سياسي مستقبل نه آهي، ٻئي سياسي پارٽيون ٽٽي رهيون آهن. هو ڪالهه سومر ڏينهن هتي وزيراعظم جي احتساب بابت خصوصي معاون شهزاد اڪبر سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪري رهيو هو. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو ته اڄ تمام اهم ۽ تاريخي ڏينهن آهي جنهن ۾ ٻه وڏا سياستدان ڪرپشن جي ڪيسن ۾ ايڪسپوز ٿي چڪا آهن، ٺڳ آف پاڪستان ڪمپني جي نواز شريف ۽ آصف علي زرداري جا ڪيسز عوام آڏو اچي چڪا آهن. هن چيو ته اپريل 2016ع ۾ پاناما اسڪينڊل سامهون آيو جنهن ۾ 11 ملين ڪاغذ ليڪ ٿيا، انهي اسڪينڊل ۾ پاڪستان جي وڏن سياستدانن جون جعلي آف شور ڪمپنيون ۽ ملڪيتون سامهون آيون جن ۾ نواز شريف جو نالو سرفهرست هو، ايون فليڊ اپارٽمينٽس ۾ نواز شريف جي ملڪيت موجود آهي، احتساب عدالت ڊگهي ٻڌڻي، سپريم ڪورٽ جي فيصلي ۽ عمران خان جي سياسي جدوجهد آخرڪار رنگ آندو آهي. هن ٻڌايو ته احتساب عدالت ٽڪنيڪي بنيادن تي نواز شريف کي آزاد ڪيو آهي، عدالت قرار ڏنو آهي ته جيستائين سندس ٻئي ٻار گرفتار نه ٿا ٿين تيستائين اڪيلي نواز شريف کي سزا نه ٿي ڏئي سگهجي. هن چيو ته ٽي ڀيرا وزيراعظم رهندڙ محمد نواز شريف چوي ٿو ته سندس ٻار برطانوي شهري آهن ان لاءِ انهن تي پاڪستاني قانون لاڳو نه ٿا ٿين، اصل ۾ نواز شريف ڪميشن جا پئسا ٻاهر موڪليندو رهيو ۽ انهن مان سندس ٻار ملڪيتون خريد ڪندا رهيا ۽ انهن ۾ ڪجهه پئسا واپس نواز شريف ڏانهن موڪليا ويندا رهيا. هن ٻڌايو ته نواز شريف انهي ڪيس جي ٻڌڻي مڪمل ٿيڻ واري هئي ته عدالت کي گذارش ڪئي ته اهو ڪيس ڪنهن ٻي عدالت ۾ منتقل ڪيو وڃي ڇو ته ان جج اڳ ۾ به فيصلو ڏنو، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ان گذارش کي رد ڪيو پر ٽرائل ڪورٽ جي جج وڌيڪ ٻڌڻي کان انڪار ڪيو جنهن کانپوءِ ڪيس ٻي عدالت ۾ منتقل ٿيو، 15 مهينا ان ڪيس جي ٻڌڻي ٿي ان دوران 123 پيشيون ٿيون. العزيزيه مل ريفرنس جي حوالي سان چوڌري فواد حسين ٻڌايو ته 2001ع ۾ العزيزيه مل قائم ٿي، 2005ع ۾ اها مل بند ٿي وئي ۽ 18 ڏينهن کانپوءِ هل ميٽل جي نالي سان نئين مل قائم ٿي، مسلسل نقصان ۾ هلندڙ هل ميٽل مل جو خسارو 2010ع ۾ اڍائي لک ڊالر تائين پهچي ويو ۽ پوءِ اوچتو جڏهن پجاب ۾ مسلم ليگ (ن) جي حڪومت ٺهي ٿي ته اها ئي مل سوني جا بيضا ڏيندڙ مرغي بڻجي وئي، انهي مل مان 2010ع ۾ 2 ملين ڊالر ٻاهر ۽ 9 لک ڊالر نواز شريف ڏانهن موڪليا ويا، 2015ع تائين 9 لک ڊالر سڌوسنئون واپڊا ٽائون بئنڪ اڪائونٽ ۾ موڪليا ويا، 9 لک ڊالر مريم نواز جي ڊرائيور، بورچي ۽ گارڊ جي اڪائونٽ ۾ موڪليا ويا، 88 ڪروڙ رپيا انهي مل مان مريم نواز کي موڪليا ويا جنهن سان مريم نواز مهانگيون ملڪيتون خريد ڪيون، هڪ ملين ڊالر 2010ع کان 2015ع تائين حسين نواز کي منتقل ٿيا جڏهن ته شروع کان 2015ع تائين اها مل خساري ۾ هلي رهي هئي، هل ميٽل ڪمپني ڪاغذي ڪمپني هئي، ان ۾ نه ته حقيقي طور تي ڪاروبار هو ۽ نه ئي ڪارپوريٽ ڍانچو قائم هو، اها سڄي رقم پاڪستان مان ملندڙ ڪميشن جي هئي جيڪا اڳ ۾ ٻاهر موڪلي وڃي ٿي ان مان ملڪيتون خريد ڪرڻ کانپوءِ جيڪا بچي وڃي ان رقم کي ٻيهر پاڪستان موڪليو ويندو رهيو. هن چيو ته 1992ع ۾ نواز شريف اقتصادي سڌارا ايڪٽ آندو جنهن موجب ٻاهرئين ملڪ مان آيل رقم بابت ذريعو نه پڇي سگهبو هو انهن معاملن جي تهه تائين وڃڻ جي لاءِ قومي احتساب بيورو نيب ايڪٽ ۾ سيڪشن 9 متعارف ڪرايو جنهن موجب ٻاهرئين ملڪن مان يا پاڻ وٽ موجود پئسن جو ذريعو ٻڌائڻ لازمي قرار ڏنو ويو آهي. اصل ۾ نيب کي اڳوڻي حڪومت جي دور ۾ سياسي انتقام جي لاءِ استعمال ڪيو ويو، عمران خان جيڪو اڳ ۾ ڪڏهن به ملڪ جو وزيراعظم، صدر، وزير يا اسيمبلي ميمبر نه رهيو، ان کان 40 سالن جو حساب گهريو ويو، عمران خان 1983ع جون رسيدون به پيش ڪري پنهنجي ڪيس جو دفاع ڪيو ۽ سرخرو ٿيو هو. هن چيو ته فليگ شپ ريفرنس ۾ نواز شريف کي آزاد ڪرڻ تي نيب کي ئي فيصلو ڪرڻو آهي ته اپيل ۾ ويندو يا نه، حقيقت ۾ فليگ شپ ريفرنس ۾ به پاڪستان جي عوام جو پئسو آهي، ايف زيڊ اي ڪمپني ۾ نواز شريف چيئرمين هو، مني لانڊرنگ جي لاءِ اها جعلي ڪمپني ٺاهي وئي هئي، 2016ع ۾ اسان جي حڪومت نه هئي ۽ نه ئي نيب چيئرمين جي مقرري ۽ قانون اسان ٺاهيا آهن ۽ نه ئي نواز شريف جا جعلي اڪائونٽس اسان ٺاهيا ۽ نه ئي انهن ۾ پئسا اسان وڌا آهن. هن چيو ته ڪرپشن ثابت ٿيڻ جي باوجود نواز شريف جو دفاع ڪندڙن کي شرم اچڻ گهرجي، پاڪستان جا غيرتمند عوام جي ڦريل رقم هرصورت ۾ واپس آڻيندا.