بانيءَ پاڪستان جي ايمان، اتحاد ۽ تنظيم جي سنهري اصولن جي پيروي ڪرڻ جي ضرورت آهي: صدر ڊاڪٽر عارف علوي

بانيءَ پاڪستان جي ايمان، اتحاد ۽ تنظيم جي سنهري اصولن جي پيروي ڪرڻ جي ضرورت آهي: صدر ڊاڪٽر عارف علوي

اسلام آباد (پاکستان پوائنٹ نیوز24دسمبر 2018ء) صدر ڊاڪٽر عارف علوي بانيءَ پاڪستان جي ايمان، اتحاد ۽ تنظيم جي سنهري اصولن جي پيروي ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته قوم معاشري مان انتهاپسندي، دهشتگردي ۽ بدعنواني جي لعنتن کان ڇوٽڪاري جي لاءِ پنهنجي صفن ۾ اتحاد پيدا ڪري ۽ ان عزم کي ورجايو وڃي ته اسان قائداعظم جي ويزن جي روشني ۾ ملڪ جي خدمت لاءِ انفرادي ۽ اجتماعي طور اڻٿڪ محنت ڪنداسين. هن اها ڳالهه باباءِ قوم قائداعظم محمد علي جناح جي 142 هين سالگرهه جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چئي. هن چيو ته هي اسان سڀني جي لاءِ خوشي ۽ جهوريت، روشن خيالي، آئين جي بالادستي ۽ قانون جي حڪمراني جي اعليٰ تصورن سان پنهنجي وابستگي کي ورجائڻ جو موقعو آهي، جن کي اسان جي عظيم اڳواڻ پنهنجي پوري زندگي مٿانهون رکيو. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته قائداعظم محمد علي جناح اڻوڻندڙ حالتن ۾ ننڍي کنڊ جي مسلمانن کي متحد ۽ هڪ قوم جي حيثيت سان گڏ ڪيو ۽ انهن جي لاءِ هڪ جدا ۽ خودمختيار ملڪ حاصل ڪيو جتي اهي پنهنجي روايتن ۽ رسم ۽ رواج موجب زندگي گذاري سگهن. هن ننڍي کنڊ جي مسلمانن جي انتهائي پرآشوب دور ۾ رهنمائي ڪئي ۽ انهن کي انتهائي اڻوڻندڙ حالتن کي منهن ڏيڻ ۽ جمهوري جدجهد ذريعي آزادي حاصل ڪرڻ جي قابل بڻايو. صدر چيو ته قائداعظم جي بصيرت ۽ تصور 7 ڏهاڪا گذرڻ جي باوجود اڄ به زندهه آهن، اسان کي ان جي ايمان، اتحاد ۽ تنظيم جي اصولن جي پيروي ڪرڻ جي ضرورت آهي، الله تعاليٰ جي فضل ۽ ڪرم سان اسان جو ملڪ باباءِ قوم جي تصورن جي روشني ۾ ترقي ۽ خوشحالي جي راهه تي گامزن ٿي چڪو آهي. هن چيو ته اڄ اسان پنهنجي عظيم اڳواڻ کي ياد ڪندي نه رڳو کيس خراج عقيدت پيش ڪري رهيا آهيون پر سندس تعليم تي پنهنجي يقين کي ورجائي به رهيا آهيون. صدر پاڪستان جي عوام تي زور ڏنو ته اها پنهنجي معاشري مان انتهاپسندي، دهشتگردي ۽ بدعنواني جي لعنتن مان ڇوٽڪاري جي لاءِ پنهنجي صفن ۾ اتحاد پيدا ڪري. هن چيو ته اڄ جي ڏينهن اسان کي ان عزم کي ورجائڻ گهرجي ته اسان پنهنجي قائد جي ويزن جي روشني ۾ پنهنجي عظيم ملڪ جي خدمت جي لاءِ انفرادي ۽ اجتماعي طور تي اڻٿڪ محنت ڪنداسين.