وزيراعظم عمران خان جي انڊونيشيا جي صدر کي ٽيليفون

وزيراعظم عمران خان جي انڊونيشيا جي صدر کي ٽيليفون

اسلام آباد (پاکستان پوائنٹ نیوز24دسمبر 2018ء) وزيراعظم عمران خان انڊونيشيا جي صدر جوڪوودودو کي ڪالهه سومر ڏينهن ٽيليفون ڪئي ۽ 22 ڊسمبر تي آهنائي سنڊا ۾ ايندڙ تباهي آڻيندڙ سونامي جي نتيجي ۾ قيمتي جانين جي زيان تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم ان ڳالهه جو اظهار ڪيو ته پاڪستان ۽ انڊونيشيا جي وچ ۾ ڀائراڻا ۽ تاريخي لاڳاپا آهن، تازي قدرتي آفت کي ٻنهي ملڪن جي عوام هڪ جهڙو محسوس ڪيو. هن چيو ته اها انڊونيشيا جي لاءِ آزمائش جي گهڙيءَ آهي ۽ انڊونيشيا جي بهادر عوام الله جي فضل سان انهن مشڪلاتن تي ضابطو آڻي وٺندي ۽ انڊونيشيا وڌيڪ ترقي ڪندو. وزيراعظم انڊونيشيا سان ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ ۽ ٻنهي ملڪن جي عوام جي گڏيل مفاد جي سمورن شعبن ۾ ٻطرفو تعاون وڌائڻ جي عزم کي ورجايو.