ڪرسمس جي موقعي تي سڄي ملڪ ۾ بجلي جي ڪا لوڊ مئنيجمينٽ نه ٿيندي

ڪرسمس جي موقعي تي سڄي ملڪ ۾ بجلي جي ڪا لوڊ مئنيجمينٽ نه ٿيندي

اسلام آباد (پاکستان پوائنٹ نیوز24دسمبر 2018ء) ڪرسمس جي موقعي تي سڄي ملڪ ۾ بجلي جي ڪا لوڊ مئنيجمينٽ نه ٿيندي. پاور ڊويزن موجب وزيراعظم عمران خان جي هدايت تي پاور ڊويزن سمورين ڊسٽري بيوشن ڪمپنين کي هدايت جاري ڪئي آهي ته 24 ڊسمبر جي شام کان 25 ڊسمبر جي اڌ رات تائين ڪنهن به قسم جي ڪا لوڊ مئنيجمينٽ نه ڪئي وڃي ته جيئن مسيحي برادري پنهنجو مذهبي ڏڻ پرسڪون انداز ۾ ملهائي سگهن. سمورين ڊسٽري بيوشن ڪمپنين کي هدايت ڪئي وئي آهي ته ڪنهن به قسم جي خرابي کي فوري طور تي ختم ڪرڻ جي لاءِ هنگامي ٽيمون مقرر ڪيون وڃن. گرجا گهرن کي بجلي جي فراهمي جي لاءِ ايمرجنسي جنريٽرز جي دستيابي يقيني بڻائڻ سميت خاص نگراني ڪئي وڃي ۽ بجلي جي فراهمي برقرار رکڻ جي لاءِ سمورا ضروري انتظام ڪيا وڃن.