Warning: session_start(): open(/var/cpanel/php/sessions/ea-php83/sess_fd8dfcaa7f1c1b985706b6a9c22c1966, O_RDWR) failed: No space left on device (28) in /home/pakispoint/public_html/helper/cn.php on line 2

Warning: session_start(): Failed to read session data: files (path: /var/cpanel/php/sessions/ea-php83) in /home/pakispoint/public_html/helper/cn.php on line 2
پاڪستان حڪومت عقيدي، نسل يا علائقي جي فرق کانسواءِ سمورن شهرين جي برابر حقن ۽ آزادي جي اصول جو احترام ڪري ٿي: صدر ڊاڪٽر عارف علوي | پاکستان پوائنٹ

پاڪستان حڪومت عقيدي، نسل يا علائقي جي فرق کانسواءِ سمورن شهرين جي برابر حقن ۽ آزادي جي اصول جو احترام ڪري ٿي: صدر ڊاڪٽر عارف علوي

پاڪستان حڪومت عقيدي، نسل يا علائقي جي فرق کانسواءِ سمورن شهرين جي برابر حقن ۽ آزادي جي اصول جو احترام ڪري ٿي: صدر ڊاڪٽر عارف علوي

اسلام آباد (پاکستان پوائنٹ نیوز24دسمبر 2018ء) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيوآهي ته پاڪستان حڪومت عقيدي، نسل يا علائقي جي فرق کانسواءِ سمورن شهرين جي برابر حقن ۽ آزادي جي اصول جو احترام ڪري ٿي، اسان سڀ گڏجي هڪ مضبوط ۽ خوشحال پاڪستان ٺاهي رهيا آهيون. مسيحي برادري جي مذهبي ڏڻ ڪرسمس جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ صدر چيو ته اسان هڪ اهڙي معاشري جي تعمير لاءِ پرعزم آهيون جتي اختلاف جو احترام ڪيو وڃي ٿو ۽ برداشت ۽ قومي هم آهنگي موجود آهي. اسان اهڙي رياست جا خواهشمند آهيون جتي سمورن شهرين کي برابر حق ۽ موقعا ميسر هجن. هن چيو ته حڪومت جو بنيادي اصولن بابت عزم اسلامي تعليم، قائداعظم محمد علي جناح جي ويزن ۽ پاڪستان جي آئين ۾ خاطرين تي ٻڌل آهي. صدر پنهنجي پيغام ۾ ڪرسمس جي خوشي جي موقعي تي سڄي دنيا ۽ خاص طور تي پاڪستان جي مسيحي برادري کي مبارڪباد ڏني ۽ چيو ته ورهائڻ، هڪ ٻئي سان ملڻ ۽ پوري انسانيت سان محبت ڪرسمس جو اصل روح آهي. هن چيو ته حضرت عيسيٰ عه پوري انسانيت جي لاءِ امن، ڀائيچاري ۽ محبت جو پيغام ڏنو. صدر ملڪ جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي جي لاءِ مسيحي برادري جي مخلصاڻي ڪوششن کي ساراهيو ۽ دهشتگردي خلاف جنگ ۾ انهن جي قربانين کي شاندار خراج تحسين پيش ڪيو. هن چيو ته اسان کي پنهنجي مسيحي برادري تي فخر آهي، هو اسان جي گهڻ رخي ثقافتي معاشري جو لازمي حصو آهن. اسان گڏجي پنهنجي ۽ پنهنجي ٻارن جي لاءِ هڪ مضبوط ۽ خوشحال پاڪستان ٺاهي رهيا آهيون.