عمران خان قائداعظم جي ويزن کي اڳتي وڌايو ۽ نئين پاڪستان جو بنياد رکيو آهي: چوڌري فواد حسين

عمران خان قائداعظم جي ويزن کي اڳتي وڌايو ۽ نئين پاڪستان جو بنياد رکيو آهي: چوڌري فواد حسين

اسلام آباد (پاکستان پوائنٹ نیوز24دسمبر 2018ء) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته عمران خان قائداعظم جي ويزن کي اڳتي وڌايو ۽ نئين پاڪستان جو بنياد رکيو آهي، هاڻي انهي بنياد تي ملڪ کي قائداعظم جي خواب جي تعبير ۽ فتح نه ٿيڻ جوڳو بڻائي رهيا آهيون، پاڪستان جي نئين سفر جي شروعات ٿي چڪي آهي، عدالتي فيصلن مان صاف ۽ شفاف رياست جو بيانيو اڳتي وڌي رهيو آهي، فوري ادائيگين جي حوالي سان مسئلو نه آهي، آءِ ايم ايف سان ڊگهي مدي واري استحڪام جي لاءِ ڳالهيون ٿي رهيون آهن، ملڪي معيشت بهتري طرف گامزن آهي، هاڻي ته نواز شريف ۽ آصف علي زرداري جو حصو به ان ۾ شامل ٿيڻو آهي، عوام ڪنهن جي غيرقانوني طور ٺاهيل ملڪيتن جي دفاع لاءِ ٻاهر نه نڪرندي، آصف علي زرداري ۽ نواز شريف هڪ ٺڳ الائينس ٺاهين ۽ ان جي ڇانوَ هيٺ پنهنجي تحريڪ هلائين، اسان جو موقف ته اهو ئي هو ته ننڍو ڀاءُ پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽِي جو چيئرمين بڻجي ڪيئن وڏي ڀاءُ جي منصوبن جو آڊٽ ڪري سگهي ٿو، پر قومي اسيمبلي جي اسپيڪر وڏي دل جو مظاهرو ڪندي شهباز شريف کي چيئرمين بڻجڻ ڏنو، هاڻي ڏسون ٿا ته معاملو ڪيئن اڳتي هلي ٿو. هن اها ڳالهه سومر ڏينهن لوڪ ورثا ۾ قائداعظم محمد علي جناح جي سالگرهه جي مناسبت سان قائداعظم جي زندگي جي عنوان سان تصويري نمائش جي افتتاحي تقريب کي خطاب ۽ صحافين سان ڳالهائيندي چئي. قائداعظم جي زندگي جي حوالي سان تصويري نمائش 28 ڊسمبر تائين جاري رهندي، تقريب ۾ لوڪ ورثا جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر شاهيره شاهد، پرنسپل انفارميشن آفسير (پي آءِ او) ميان جهانگير، اي پي پي جو ايگزيڪيٽو ڊائريڪٽر اختر منير، چيف انفارميشن ڪمشنر محمد اعظم سميت اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت جا اعليٰ عملدار به شريڪ هئا، اطلاعات واري وفاقي وزير فواد چوڌري تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته لوڪ ورثا ۾ قائداعظم جي زندگي جي حوالي سان تصويري نمائش ۾ قائداعظم جي پيدائش کان وٺي ان جي سياسي جدوجهد ۽ پاڪستان قائم ٿيڻ تائين جون سڀئي تصويرون موجود آهن، نيئن نسل جي لاءِ لازمي آهي ته اهي ضرور ان نمائش کي ڏسن جيڪا قائداعظم محمد علي جناح جي شخصيت جي عڪاس آهي، هن چيو ته سر سيد احمد خان مسلمانن کي پوئتي پيل ۽ غلامي جي سوچ کان ٻاهر نڪرڻ لاءِ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪيو، انگريزي ۽ فارسي زبانن جي جهيڙي جي آڙ ۾ مسلمانن کي ترقي جي سفر کان روڪڻ جي سازش کي بي نقاب ڪيو ۽ مسلمانن کي سجاڳ ڪيو. هن چيو ته قائداعظم محمد علي جناح کي شروعات ۾ ٻه وڏا چئلينج درپيش هئا هڪ چئلينج هندو شدت پسندي ۽ ٻيو مسلمانن جي اندر ڪمزور سوچ هئي، قائداعظم محمد علي جناح انهن چئلينجن جو مقابلو ڪيو ۽ هڪ جديد اسلامي رياست جو بنياد رکيو، هن چيو ته عمران خان جي صورت ۾ هڪ ليڊر قائداعظم جي ويزن کي اڳتي وڌايو آهي ۽ نئين پاڪستان جو بنياد رکيو آهي، هاڻي انهي بنياد تي اسان عمارت بڻائڻ وڃي رهيا آهيون. هن چيو ته قائداعظم محمد علي جناح پنهنجي خطابن ۾ جن شين جو ذڪر ڪيو انهن ۾ ڪرپشن ۽ پنهنجا نوازي سر فهرست هئي، وفاقي وزير چيو ته اڄ تاريخي ڏينهن آهي، گذريل ڏهاڪن ۾ ڪرپشن جا جيڪي رڪارڊ قائم ٿيا آهن انهن تي عدالتن جو ڊگهو عمل مڪمل ٿي رهيو آهي، سڄي قوم ڏسي رهي آهي ته ڪرپشن جا ڪيسز پڄاڻي تي پهچي رهيا آهن، قانون جي گرفت سان سنهري دور شروع ٿي رهيو آهي، هن چيو ته ڪرپشن غربت، تعليم، صحت ۽ ٻين عوامي خدمتن جي شعبن سان واڳيل آهي، جن معاشرن ۾ ڪرپشن ۽ سماجي مسئلا گڏجي ويندا آهن اهي معاشرا ڪڏهن به ترقي نه ٿا ڪري سگهن، هن چيو ته قائداعظم محمد علي جناح جي سالگرهه جي موقعي تي قوم کي يقين ڏياريان ٿو ته عمران خان جي قيادت ۾ اسان فتح نه ٿيڻ جوڳي پاڪستان جي خواب جي تعبير ڪري رهيا آهيون، هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته آصف علي زرداري ۽ نواز شريف هڪ ٺڳ الائينس ٺاهين ۽ ان جي ڇانوَ هيٺ پنهنجي تحريڪ هلائين، هاڻي عوام سمجهدار ٿي چڪي آهي، سڀني کي خبر آهي ته ٻاهر ڪنهن ڪنهن ملڪيتون ٺاهيون آهن، عوام هاڻي ڪنهن جي اهڙي ملڪيت جي دفاع لاءِ ٻاهر نه نڪرندي، هڪ سوال جي جواب ۾ چوڌري فواد حسين چيو ته اسان جو موقف ته اهو ئي هو ته ننڍو ڀاءُ پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جو چيئرمين بڻجي ڪيئن وڏي ڀاءُ جي منصوبن جي آڊٽ ڪري سگهي ٿو، پر قومي اسيمبلي جي اسپيڪر وڏي دل جو مظاهرو ڪندي شهباز شريف کي پي اي سي جو چيئرمين بڻجڻ ڏنو. هاڻي ڏسڻو اهو آهي ته معاملا ڪيئن اڳتي وڌن ٿا.