اسلام آباد (پاکستان پوائنٹ نیوز21دسمبر 2018ء) مسلم ليگ (ن) جي قومي اسيمبلي ميمبر خواجه سعد رفيق چيو آهي ته پراڊڪشن آرڊر جاري ڪرڻ تي اسپيڪر ۽ ٻين ميمبرن جو ٿورائتو آهيان، ميثاق جمهرويت 73ع جي آئين کانپوءِ سڀ کان مقدس دستاويز آهي، پيپلزپارٽي ۽ مسلم ليگ (ن) باقي جمهوري پارٽين تائين ان جو دائرو وڌائين، جيل جون سلاخون سياستدانن جي رستي جي رڪاوٽ نه ٿيون بڻجي سگهن، اسان غدار ۽ انتشار پسند نه آهيون، ٻين کي چور ڌاڙيل چوڻ ۽ مخالف ڌر کي سوگهو ڪرڻ جي روش کان پٺتي هٽيو وڃي، الزام بازي گهڻي ٿي آهي، ڇا عوام اسان کي ان لاءِ ووٽ ڏي ٿي ته هڪ ٻئي جي خلاف الزام هڻون. ڪالهه جمعي ڏينهن قومي اسيمبلي ۾ اعتراض واري نقطي تي ڳالهائيندي خواجه سعد رفيق چيو ته پراڊڪشن آرڊر جاري ڪرڻ تي اسپيڪر، پيپلزپارٽي، متحده مجلس عمل، سردار اختر مينگل، رياض فتيانه ۽ ٻين حڪومتي ميمبرن جو ٿورائتو آهيان جو هنن منهنجي حق ۾ آواز اٿاريو. اسپيڪر جي ان فيصلي سان ايوان جو وقار وڌيو آهي، مون تي الزام آهي ته آئون ۽ منهنجو ڀاءُ هڪ هائوسنگ سوسائٽي جا مالڪ آهيون، ان جا ڪي دستاويزي ثبوت نه آهن، منهنجي هڪ پراڻي دوست کي واعدي معاف گواهه بڻايو ويو آهي، اهو به اڃا تائين ڪي دستاويزي ثبوت پيش ناهي ڪري سگهيو، نيب جو قانون احتساب جي لاءِ نه پر سياسي وفاداريون تبديل ڪرڻ جي لاءِ ٺاهيو ويو آهي. هن چيو ته مسلم ليگ (ن) جي دور ۾ به جيڪو احتساب جو عمل هو آئون ان کي به شفاف نه ٿو سمجهان، پيپلزپارٽي ۽ مسلم ليگ (ن) جي وڌيڪ گرفتارين جو انتظار ڪيو پيو وڃي، ان کان پاسو ڪيو وڃي، جيل جون سلاخون سياستدانن جو رستو نه ٿيون روڪي سگهن، ڪڏهن غداري ۽ ڪڏهن انتشار جو الزام لڳي ٿو، اسان مان ڪو به غدار ۽ انتشار پسند نه آهي. هن چيو ته پهريون ڀيرو جيل ناهيان ويو، اسان ته اهو عذاب ڀوڳي ورتو آهي هاڻي اهو سلسلو روڪيو وڃي، اناءَ ۽ انتقام پاڪستان جي رستي ۾ سڀ کان وڏي رڪاوٽ آهي. هن چيو ته الزام بازي گهڻي ٿي وئي آهي، سوچڻ گهرجي ته ڇا عوام اسان کي ان لاءِ ووٽ ڏي ٿي ته هڪ ٻئي تي الزام هڻون، جيڪڏهن خدانخواسته آصف زرداري کي گرفتار ڪيو ويو ته طوفاني ۽ هيجاني واري ڪفيت پيدا ٿي سگهي ٿي، ملڪ کي درپيش بحرانن مان ڇوٽڪارو ڏيارڻ جي لاءِ قدم کڻڻ جي ضرورت آهي. خواجه سعد رفيق چيو ته ميثاق جمهوريت 73ع جي آئين کانپوءِ سڀ کان مقدس دستاويز آهي، پيپلزپارٽي ۽ مسلم ليگ (ن) باقي جمهوري پارٽين تائين جو دائرو وڌائين، ايوان جي اندر ۽ ٻاهر پارٽين کي به ان ۾ شامل ڪيو وڃي. سعد رفيق چيو ته عمران خان جي مقابلي ۾ مون کي 600 ووٽن تان شڪست ڏياري وئي، شهباز شريف به 600 ووٽن ان چونڊون هارائي ويو ۽ هاڻي منهنجي تڪ ۾ ٿيندڙ صوبائي ضني چونڊن ۾ به مسلم ليگ (ن) جي اميدوار کي 600 ووٽن تان هارايو ويو آهي، خبر نه آهي 600 جو انگ انهن کي ڇو پسند آهي.
پراڊڪشن آرڊر جاري ڪرڻ تي اسپيڪر ۽ ٻين ميمبرن جو ٿورائتو آهيان: خواجه سعد رفيق
7 سال پھريان
