ڊپٽي اسپيڪر قاسم خان سوري پاران آئنده اجلاس ۾ قانون ۽ انصاف واري وزارت ۽ نيب جا عملدار ميمبرن کي سوالن جي جوابن لاءِ ايوان ۾ حاضري يقيني بڻائڻ جي هدايت

ڊپٽي اسپيڪر قاسم خان سوري پاران آئنده اجلاس ۾ قانون ۽ انصاف واري وزارت ۽ نيب جا عملدار ميمبرن کي سوالن جي جوابن لاءِ ايوان ۾ حاضري يقيني بڻائڻ جي هدايت

اسلام آباد (پاکستان پوائنٹ نیوز21دسمبر 2018ء) قومي اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر قاسم خان سوري هدايت ڪئي آهي ته آئنده اجلاس ۾ قانون ۽ انصاف واري وزارت ۽ نيب جا عملدار ميمبرن جي سوالن جي جوابن لاءِ ايوان ۾ حاضري يقيني بڻائين. جمعي ڏينهن قومي اسيمبلي ۾ سوالن واري وقفي دوران چوڌري فقير احمد جي نيب بابت سوال جو جواب نه ملڻ تي قومي اسيمبلي جي ميمبر جي احتجاج تي ڊپٽي اسپيڪر هدايت ڪئي ته ايندڙ اجلاس ۾ قانون ۽ انصاف واري وزارت ۽ نيب جا عملدار ميمبرن جي سوالن جي جوابن لاءِ ايوان ۾ حاضري يقيني بڻائين، پارلياماني معاملن واري مملڪتي وزير علي محمد خان ايوان کي خاطري ڪرائي ته نيب بابت جوابن جي بروقت فراهمي کي يقيني بڻايو وڃي.