1998ع جي آدمشماري تحت پاڪستان ۾ ڪل گهرن جو انگ هڪ ڪروڙ 92 لک 11 هزار 738 هئي: سينيٽ کي آگاهي

1998ع جي آدمشماري تحت پاڪستان ۾ ڪل گهرن جو انگ هڪ ڪروڙ 92 لک 11 هزار 738 هئي: سينيٽ کي آگاهي

اسلام آباد (پاکستان پوائنٹ نیوز21دسمبر 2018ء) سينيٽ کي ٻڌايو ويو آهي ته 1998ع جي آدمشماري تحت پاڪستان ۾ ڪل گهرن جو انگ هڪ ڪروڙ 92 لک 11 هزار 738 هئي جنهن ۾ پڪن گهرن جو تعداد هڪ ڪروڙ 4 لک 95 هزار 625، نيم پڪن گهرن جو تعداد 20 لک 80 هزار819 ۽ ڪچن گهرن جو تعداد 66 لک 29 هزار 538 هئي جڏهن ته 2015ع ۾ ملڪ ۾ بيروزگار ماڻهن جو تعداد 36 لک 20 هزار سامهون آيو، جمعي ڏينهن سينيٽ ۾ سينيٽر چوڌري تنوير خان جي سوالن جي جواب ۾ شماريات واري وزير طرفان لکت واري جواب ۾ ايوان کي ٻڌايو ويو آهي ته پنجاب ۾ پڪن گهرن جو تعداد 65 لک 33 هزار 108، نيم پڪن گهرن جو تعداد 8 لک 46 هزار 597، ڪچي گهرن جو تعداد 31 لک 57 هزار 422، سنڌ ۾ پڪن گهرن جو تعداد 23 لک 44 هزار 478، نيم پڪن گهرن جو تعداد 9 لک 50 هزار 24 ۽ ڪچن گهرن جو تعداد 17 لک 22 هزار 174، خيبرپختونخوا ۾ پڪن گهرن جو تعداد 12 لک 41 هزار 705، نيم پڪن گهرن جو تعداد هڪ لک 36 هزار 383 ۽ ڪچن گهرن جو تعداد 6 لک 96 هزار 948 ۽ فاٽا ۾ پڪن گهرن جو تعداد هڪ لک 25 هزار 286، نيم پڪن گهرن جو تعداد 17 هزار 91، ۽ ڪچن گهرن جو تعداد هڪ لک 98 هزار 737 آهي، شماريات واري ڊويزن طرفان ايوان کي ٻڌايو ويو آهي ته پاڪستان شماريات واري بيورو 15 -2014ع ۾ ملازمن ۽ بيروزگار ماڻهن جي تعداد کي ڳڻڻ جي لاءِ ليبر فورس سروي ڪيو، ليبر فورس سروي جي نتيجا ٻهراڙي ۽ شهري تفصيل سان قومي ۽ صوبائي سطح تي نمائندگي ڪندا آهن، ليبر فورس سروي ۾ تحصيل سطح جا تفصيل شامل ناهن ڪيا ويا، 2015ع ملڪ ۾ بيروزگار ماڻهن جو تعدا 36 لک 20 هزار، خيبرپخوتخوا ۾ 5 لک 10 هزار، پنجاب ۾ 23 لک 20 هزار، سنڌ ۾ 6 لک 60 هزار ۽ بلوچستان ۾ هڪ لک 30 هزار هئي۔