اسلام آباد (پاکستان پوائنٹ نیوز20دسمبر 2018ء) سامونڊي معاملن واري وفاقي وزير علي حيدر زيدي چيو آهي ته پورٽ قاسم اٿارٽي ۾ هڙتالي ڊاڪ ورڪز کي آڪٽوبر تائين جون پگهارون ادا ڪيون ويون آهن، اهي ملازم ساهيوال ڪول پاور پراجيڪٽ تي ڪم ڪندڙ چيني ڪمپني ڀرتي ڪيا هئا، حڪومت نه ڪيا هئا. خميس ڏينهن سيينٽ ۾ سوالن جا جواب ڏيندي هن چيو ته وفاقي حڪومت ڪراچي ڊاڪ ليبر بورڊ جي نالي سان 1973ع جي اسڪيم تحت هڪ بورڊ جوڙيو هو، اها اسڪيم پورٽ قاسم جي لاءِ قابل اطلاق نه آهي، هن چيو ته ڪارگو هيڊنگ ڪمپنيون نجي ادارا آهن، جيڪي پنهنجي پورهيتن جي پگهارن ۽ ڏهاڙين جون ذميوار آهن ۽ انهن طرفان ڀرتي ڪيل ملازم پورٽ قاسم اٿارٽي جي طرفان رجسٽرڊ نه ڪيا ويندا تنهن ڪري انهن ڊاڪ ورڪرن کي پورٽ قاسم اٿارٽي ڪارڊ جاري ڪرڻ جي ذميوار نه آهي، جيڪي ملازم هڙتال ڪئي آهي اهي چيني ڪمپني ساهيوال ڪول پاور پراجيڪٽس جي لاءِ ڀرتي ڪيا هئا، چيني سفير سان رابطو ڪري اسان کين آڪٽوبر تائين جون پگهارون ڏياريون آهن، هن چيو ته گوادر ۾ 2007ع کانپوءِ ڪا به نئين برٿ قائم ناهي ڪئي وئي ۽ گذريل 10 سالن کان زمين حاصل ڪرڻ ۽ ٻين معاملن جي لاءِ ڪم ٿي رهيو آهي، هن چيو ته پورٽ قاسم تي ٻه نوان ٽرمينل ٺاهڻ جو ارادو آهي، جنهن جي لاءِ ٽينڊر جلد جاري ٿي ويندا.
پورٽ قاسم اٿارٽي ۾ هڙتالي ڊاڪ ورڪز کي آڪٽوبر تائين جون پگهارون ادا ڪيون ويون آهن: وفاقي وزير علي حيدر زيدي
7 سال پھريان
