گذريل پنجن سالن دوران بلوچستان سان تعلق رکندڙ 376 شاگردن کي پرڏيهي ملڪ اسڪالرشپ ڏني وئي آهي: وفاقي وزير شفقت محمود

گذريل پنجن سالن دوران بلوچستان سان تعلق رکندڙ 376 شاگردن کي پرڏيهي ملڪ اسڪالرشپ ڏني وئي آهي: وفاقي وزير شفقت محمود

اسلام آباد (پاکستان پوائنٹ نیوز20دسمبر 2018ء) تعليم ۽ پيشيوراڻي تربيت واري وفاقي وزير شفقت محمود چيو آهي ته گذريل پنجن سالن دوران بلوچستان سان تعلق رکندڙ 376 شاگردن کي پرڏيهي ملڪ اسڪالرشپ ڏني وئي آهي. سرڪاري يونيورسٽين جي صورتحال بهتر بڻائڻ جي لاءِ سفارشون جوڙيون ويون آهن، ايڇ اي سي جو نظام به بهتر بڻايو ويندو، خواندگي جي شرح ۾ اضافي جي لاءِ خصوصي مهم هلائي ويندي. خميس ڏينهن سينيٽ ۾ سوالن جوابن واري وقفي دوران سينيٽر مشتاق احمد، سينيٽر مظفر حسين شاهه، رحمان ملڪ ۽ ٻين ميمبرن جي سوالن جي جواب ۾ هن چيو ته وزيراعظم جي هدايت تي ايڇ اي سي 171 يونيورسٽين جي نظم ۽ ضبط ۽ معيار جو جائزو ورتو ويو، ايڇ اي سي جي ڪارڪردگي کي قانون جي حدن ۾ رهندي بهتر بڻايو ويندو، اسان اهو به نٿا چاهيون ته 18 هين ترميم جي خلاف ورزي جو به ڪٿان ڪو اعتراض سامهون اچي. هن چيو ته سرڪاري يونيورسٽين جي مالي، انتظامي ۽ ٻين معاملن ۾ بهتري جي لاءِ ناڻي واري وزارت سان مشاورت کانپوءِ بنيادي سفارشون جوڙيون ويون آهن، هن چيو ته 12- 2011ع کان 18 -2017ع دوران بلوچستان سان تعلق رکندڙ 376 شاگردن کي پرڏيهي اسڪالرشپ ڏني وئي آهي جنهن مان 172 کي پي ايڇ ڊي ۽ 204 کي ٻين شعبن ۾ مهارت جي لاءِ اسڪالرشپ ڏني وئي آهي، هن چيو ته اسڪالرشپ استعمال ۾ نه آڻيندي ضايع ٿيڻ جي حوالي سان تفصيل وٺي ايوان کي آگاهه ڪيو ويندو. هن چيو ته 1998ع جي آدمشماري موجب مجموعي خواندگي جي شرح 43.92 سيڪڙو هئي، مردن ۾ خواندگي جي شرح 54.81 ۽ عورتن ۾ 32.02 سيڪڙو هئي، اها ڳالهه مشاهدي ۾ آئي آهي ته ڏکڻ ايشيائي ملڪن ۾ مالديپ ۾ سڀ کان وڌيڪ 99 سيڪڙو ان کانپوءِ سريلنڪا ۾ 91 ۽ ايران ۾ 85 سيڪڙو آهي، هن چيو ته افغانستان واحد ملڪ آهي جنهن جي خواندگي جي شرح پاڪستان کان به گهٽ آهي ۽ اها ڳالهه به ڏسڻ ۾ آئي آهي ته خواندگي جي شرح ۾ اضافي بدران گهٽتائي ٿي آهي، خواندگي جي شرح ۾ اضافي جي لاءِ خصوصي مهم هلائي ويندي.