پاڪستاني فوج سرحدن جي حفاظت سان گڏوگڏ دهشتگردي کي منهن ڏيڻ جي ڀرپور صلاحيت رکي ٿي: صدر ڊاڪٽر عارف علوي

پاڪستاني فوج سرحدن جي حفاظت سان گڏوگڏ دهشتگردي کي منهن ڏيڻ جي ڀرپور صلاحيت رکي ٿي: صدر ڊاڪٽر عارف علوي

لاهور (پاکستان پوائنٹ نیوز20دسمبر 2018ء) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستاني فوج سرحدن جي حفاظت سان گڏوگڏ دهشتگردي کي منهن ڏيڻ جي ڀرپور صلاحيت رکي ٿي جنهن کي عالمي سطح تي به تسليم ڪيو وڃي ٿو، قوم جي حيثيت سان اسان کي پنهنجي فورسز تي فخر آهي، ميري ٽائيم سيڪٽر جي ترقي کي محور ۽ مرڪز بڻائڻ پاڪستان جي اقتصادي ترقي لاءِ ضروري آهي، قائداعظم جي فرمان ايمان، اتحاد ۽ يقين محڪم تي عمل ڪري اسان ملڪ کي ترقي جي رستي تي گامزن ڪري سگهون ٿا. هو ڪالهه خميس ڏينهن پاڪستان نيوي وار ڪاليج ۾ ٻئي ميري ٽائيم سيڪيورٽي ورڪشاپ جي پڄاڻي واري تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو، ان موقعي تي چيف آف نيول اسٽاف ايڊمرل ظفر محمود عباسي، ڪمانڊنٽ نيوي وار ۽ ڪاليج ريئر ايڊمرل نويد احمد رضوي سميت ٻيا آفيسر به موجود هئا، صدر چيو ته ميري ٽائيم ورڪشاپ جو انعقاد تحسين جوڳو ۽ پاڪ بحريه جو وقت سر قدم آهي، هي ورڪشاپ ميري ٽائيم بصيرت جو سبب هوندو ۽ قومي اقتصادي ترقي ۽ عالمي سامونڊي امن ۾ پاڪ بحريه جي ڪردار کي اجاگر ڪندو، هن چيو ته ميري ٽائيم ڊاڪٽرائن، ميري ٽائيم شعور ۽ آگاهي ۾ هڪ نئين رجحان، ميري ٽائيم سيڪٽر جي ترقي ۽ راءِ سازي ۾ اهم ڪردار ادا ڪندي. صدر چيو ته ملڪ ۾ مجموعي امن امان قائم ڪرڻ سان گڏوگڏ معاشي سيڪيورٽي ۽ سوشل سيڪيورٽي به ضروري آهي جنهن لاءِ حڪومت قدم کڻي رهي آهي، هن چيو ته جيتوڻيڪ هندي سمنڊ حساس نوعيت جو علائقو آهي پر پاڪستان نيوي اهو ثابت ڪيو آهي ته هو سامونڊي حدن جي تحفظ جي پوري طرح صلاحيت رکي ٿي، هن چيو ته جيئن ته ون بيلٽ ون روڊ منصوبو گوادر سان ڳنڍيل آهي ان لاءِ پاڪستان نيوي ۽ ميري ٽائيم سيڪيورٽي ايجنسي جي اهميت اڃا به وڌي وڃي ٿي، هن چيو ته اها ڳالهه خوش آئنده آهي ته پاڪستان نيوي سامونڊي حدن ۾ مداخلت کي روڪڻ جي ڀرپور صلاحيت رکي ٿي، صدر چيو ته ڊولپمينٽ آف ميري ٽائيم ڊاڪٽرائن هڪ وڏي اچيومينٽ آهي جنهن لاءِ قوم جي حيثيت سان اسان سڀني کي ڪردار ادا ڪرڻ جي ضرورت آهي، ميري ٽائيم پاليسي کي به جلد منظور ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته سامونڊي حدن ۾ آلودگي جو وڌڻ افسوس جوڳي ڳالهه آهي، جنهن تي ضابطو آڻڻ به ضروري آهي، هن چيو ته ماضي ۾ بدقسمتي سان غيرذميواراڻي صورتحال ۽ ڪرپشن سبب اها ترقي ناهي ٿي جيڪا هجڻ گهرجي ها، سامونڊي علائقن ۾ گذريل 8 کان 10 سالن ۾ ري ڪليمنگ لينڊ ۽ انڪروچمينٽ ۾ اضافو ٿيو آهي، اهڙي طرح مڇي جا ڪجهه قسم 98 سيڪڙو ضايع ٿي ويندا آهن، جنهن جي روڪٿام ضروري آهي. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته مهاڻن وٽ جي پي ايس لڳل بوٽس هجڻ گهرجي ته جيئن انهن جي لوڪيشن جي خبر پئجي سگهي. هن چيو ته اها ڳالهه افسوس جوڳي آهي ته 1997ع ۾ پاڪستان جي فش جي مد ۾ آمدني 300 ملين ڊالر هئي جيڪا گهٽ ٿي ۽ هن وقت 250 ملين ڊالر آهي جڏهن ته ويتنام اها آمدني 10 ارب ڊالر تائين وڌائي آهي، صدر سامونڊي علائقن ۾ ٽوئرازم ڊولپمينٽ طرف ڌيان ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ۽ چيو ته ان لاءِ سيڪيورٽي پهرين ترجيح هجڻ گهرجي، هن گلگت بلتستان ۾ ٽورازم جو حوالو ڏيندي چيو ته عطاءَ آباد ڍنڍ سميت اهو علائقو دنيا جو خوبصورت علائقو آهي، گذريل سال 25 لک سياحن ان علائقي جو دورو ڪيو ۽ اهو انگ اڄ کان ٽي سال اڳ رڳو 15 هزار هو، هن چيو ته جيڪڏهن ٽورازم جي پوٽيشنل معيشت ۾ شامل ٿي وڃي ته اسان جي معيشت کي فروغ حاصل ٿيندو، صدر اميد ظاهر ڪئي ته ايندڙ ڏينهن ۾ پاڪستان ترقي ڪندو، حڪومت ڏينهن رات محنت ڪري رهي آهي، جنهن سان ايندڙ ڏينهن ۾ بهتري ايندي ۽ اها بهتري قوم جي پڪي عزم سان ئي اچي سگهي ٿي، ملڪي ترقي جي ان ڊوڙ ۾ اسان سڀني کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي، ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته عورتن جي موثر ڪردار کانسواءِ نئون پاڪستان نٿو ٺهي سگهي، هن چيو ته ملڪ تڏهن ئي ترقي ڪري سگهي ٿو جڏهن ماڻهن کي انصاف ميسر هجي، تقريب ۾ ڪمانڊنٽ پاڪستان نيوي وار ڪاليج ريئر ايڊمرل نويد احمد رضوي ورڪشاپ جي مقصدن کان آگاهه ڪيو، چيف آف نيول اسٽاف ايدمرل ظفر محمود عباسي صدر کي سووينئر پيش ڪيو جڏهن ته صدر ڊاڪٽر عارف علوي شرڪت ڪندڙن ۾ سرٽيفڪيٽس ورهايا، تقريب ۾ صدر پهرين ميري ٽائيم ڊاڪٽرائن جي رونمائي به ڪئي.