وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾و فاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ حڪومتي خرچن ۾ گهٽتائي ۽ ڪفايت شعاري جي قدمن تحت وزارتن کي پنهنجا خرچ 10 سيڪڙو گهٽ ڪرڻ، پي آءِ اي سميت مختلف ايئر لائينز جي لائينسنس ۽ چارٽرز جي توسيع ۽ ڪجهه نئين ايئر لائينز کي لائيسنس ڏيڻ جي منظوري ڏني وئي: وفاقي وزير چوڌري فواد حسين

وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾و فاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ حڪومتي خرچن ۾ گهٽتائي ۽ ڪفايت شعاري جي قدمن تحت وزارتن کي پنهنجا خرچ 10 سيڪڙو گهٽ ڪرڻ، پي آءِ اي سميت مختلف ايئر لائينز جي لائينسنس ۽ چارٽرز جي توسيع ۽ ڪجهه نئين ايئر لائينز کي لائيسنس ڏيڻ جي منظوري ڏني وئي: وفاقي وزير چوڌري فواد حسين

اسلام آباد (پاکستان پوائنٹ نیوز20دسمبر 2018ء) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾و فاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ حڪومتي خرچن ۾ گهٽتائي ۽ ڪفايت شعاري جي قدمن تحت وزارتن کي پنهنجا خرچ 10 سيڪڙو گهٽ ڪرڻ، پي آءِ اي سميت مختلف ايئر لائينز جي لائينسنس ۽ چارٽرز جي توسيع ۽ ڪجهه نئين ايئر لائينز کي لائيسنس ڏيڻ جي منظوري ڏني وئي ۽ هوابازي واري وزير ۽ گهرو معاملن واري مملڪتي وزير کي ايئرپورٽ ڪلچر کي تبديل ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي، ٻن قومي اسيمبلي ميمبرن سميت 3 ماڻهن جا نالا ايگزٽ ڪنٽرول لسٽ مان خارج ڪرڻ، پاڪ اومان سيڙپڪاري ڪميٽي جي ايم ڊي جي مقرري، ويزا شرطن کي نرم ڪرڻ جي لاءِ طريقيڪار جوڙڻ، حوالا هُنڊي بدران مٽاسٽا جو ناڻو وطن آڻڻ جي لاءِ پوسٽل سروسز واري وزارت کي خدمتون ڏيڻ جي منظوري ڏني وئي، ڪابينا جي اجلاس ۾ ڀارتي والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي جارحيت جي سخت مذمت به ڪئي وئي، وزيراعظم ان حوالي سان گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل سان ٽيليفون تي ڳالهائيندو، آئل ريفائنري جو منصوبو پاڪستان جو تاريخ جي سڀ کان وڏي سيڙپڪاري جو منصوبو آهي ان سلسلي ۾ سعودي عرب جو ولي عهد محمد بن سلمان فيبروري ۾ پاڪستان جو دورو ڪندو. اهڙن خيالن جو اظهار اطلاعات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين ڪالهه خميس ڏينهن وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ پريس بريفنگ دوران ڪيو. اطلاعات واري وزير چيو ته وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ اي سي ايل ۾ شامل ڪجهه نالن تي ٻيهر غور ڪيو ويو آهي ۽ قومي اسيمبلي ميمبرن محسن داوڙ ۽ علي وزير سميت 3 ماڻهن جا نالا اي سي ايل تان ڪڍڻ جي منظوري ڏني وئي آهي. وزيراعظم اڄ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل سان ٽيليفون تي ڳالهائيندو جنهن ۾ هو کيس ڀارتي والاريل ڪشمير ۾ جاري ظلمن جو سلسلو روڪرائڻ جي لاءِ زور ڀريندو. هن چيو ته يو اي اي ۽ سعودي عرب جي ولي عهد پڻ وزيراعظم عمران خان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي آهي ۽ جنوري ۾ يو اي اي جو ولي عهد محمد بن زيد ۽ فيبروري ۾ سعودي ولي عهد پاڪستان جو دورو ڪندا. هن چيو ته وزيراعظم وزيرن کي چيو آهي ته پرڏيهي دورا گهٽ کان گهٽ ڪن ته جيئن خرچن کي گهٽ ڪري سگهجي، وزيراعظم جو چوڻ آهي ته ڪيستائين اسان پرڏيهي قرضن تي هلنداسين، اسان کي سادگي ۽ ڪفايت شعاري جي ذريعي حڪومتي خرچن کي گهٽ کان گهٽ ڪرڻو آهي. هن چيو ته بهاءُ الدين خان کي پاڪ عمان ڪمپني جو ٻيهر ايم ڊي مقرر ڪيو ويو آهي. هن چيو ته ڪابينا جي اجلاس دوران وزيراعظم ايئرپورٽس جي صورتحال جو نوٽيس ورتو ۽ ايوي ايشن جي وزير ۽ گهرو معاملن واري مملڪتي وزير کي ايئرپورٽ ڪلچر تبديل ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. هن چيو ته ملڪ ۾ سياحت جي فروغ لاءِ ويزا عمل ۾ آساني آڻينداسين ته جيئن پاڪستان ايندڙ سياحن جي لاءِ آسانيون پيدا ڪري رهيا آهيون جڏهن ته پرڏيهي صحافين جي لاءِ ويزا سهولتن کي آسان بڻائڻ نه ٿا چاهيون. هن چيو ته اسلام آباد ايئرپورٽ جي تعميري لاڳت جي حوالي سان نيب ۽ سول ايوي ايشن اٿارٽي پنهنجون انڪوائريون ڪري رهيون هيون جنهن جي لاءِ گڏيل انڪوائري جو چيو ويو آهي. اطلاعات واري وزير چيو ته اسلام آباد جي ماسٽر پلان تي نظرثاني جي لاءِ سي ڊي اي کي ٽاسڪ ڏنو ويو آهي، قبضن جي خلاف ڪارروائي ۾ متاثرين جي حقن جي حوالي سان خيال رکيو ويندو، اهڙي طرح پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه جي وڏن شهرن جا ماسٽر پلان پڻ ٺاهيا ويندا. هن چيو ته دوائن جي قيمتن کي گهٽ وڌ ڪرڻ جي لاءِ معاملو ٽاسڪ فورس کي ڏنو ويو آهي جيڪا ان حوالي سان ڪم ڪندي. ڪابينا اجلاس ۾ ٽيڪس جي نظام ۾ بهتري جي لاءِ ورلڊ بئنڪ کان مدد ورتي ويندي. ڪابينا فيصلو ڪيو ته فاٽا فنڊ ۾ ڪا به گهٽتائي نه ڪئي ويندي، فاٽا جي انضمام جي حوالي سان اطلاعات واري وزير چيو ته مديني جي رياست جو بنياد رحم ۽ برداشت جي بنياد تي آهي جنهن تحت پاڪستان ڪابل جي ترقي ۾ پڻ پنهنجو حصو وجهي رهيو آهي جنهن تحت ڪابل ۾ 200 بسترن جي جناح اسپتال قائم ڪرڻ، طورخم جلال آباد رستي جي تعمير، افغان صوبي لوگر ۾ اسپتال جي تعمير، نشتر ڪڊني سينٽر ۾ گڙدن جي بيماري جي علاج جي لاءِ سر سيد بلاڪ جي تعمير ۽ افغانستان کي سهولتون ڏيڻ کي يقيني بڻايو ويندو. هڪ سوال جي جواب ۾ اطلاعات واري وزير چيو ته ادائيگين جي توازن جي مسئلي ۾ تمام گهڻي بهتري آئي آهي هاڻي اهو ايترو وڏو مسئلو ناهي رهيو. سعودي عرب سان آئل ريفائنري قائم ڪرڻ جي لاءِ معاهدي جي حوالي سان اطلاعات واري وزير چيو ته اهو پاڪستان جي سڀ کان وڏي سيڙپڪاري جو منصوبو آهي جنهن جي لاءِ ايم او يو تي غور فڪر کانپوءِ ڪجهه شقن ۾ تبديلي ڪئي وئي آهي ۽ هاڻي سعودي عرب کي موڪليو پيو وڃي جلد ان کي حتمي شڪل ڏني ويندي. هن چيو ته عوام ماضي جي حڪمرانن کي رد ڪري چڪي آهي انهن جو اتحاد صفر جمع صفر برابر صفر آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته وقت کان اڳ چونڊن بابت وزيراعظم جي ڳالهه کي حقيقت کان هٽي ڪري پيش ڪيو ويو، ڏکڻ پنجاب صوبو ٺاهڻ جي صورت ۾ ٻيهر چونڊون ڪرائڻ بابت سوال هو جنهن تي وزيراعظم ان جي جواب ۾ اها ڳالهه چئي هئي.