اسلام آباد (پاکستان پوائنٹ نیوز19دسمبر 2018ء) پيٽروليم ڊويزن واري وفاقي وزير غلام سرور خان چيو آهي ته وزيراعظم گئس جي مسئلي جو نوٽيس ورتو آهي جنهن جي جاچ هڪ ڪميٽي ڪري رهي آهي، گهريلو صارفين زيرو ريٽڊ ۽ جنرل انڊسٽري جي لاءِ گئس جي فراهمي ۾ ڪا گهٽتائي ناهي ڪئي وئي، ڪابينا گئس جي فراهمي جي لاءِ ميرٽ آرڊر جي توثيق ڪري ڇڏي آهي، صوبن جي مشاورت سان اتفاق راءِ پيدا ڪيو ويندو. ڪالهه اربع ڏينهن سينيٽ ۾ سينيٽر رضا رباني، سينيٽر شيري رحمان، سينيٽر عتيق شيخ جي ڌيان ڇڪايو نوٽيس جو جواب ڏيندي پيٽروليم ڊويزن واري وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم گئس جي مسئلي جو نوٽيس ورتو جنهن کانپوءِ جاچ ٿي رهي آهي، سنڌ جي وڏي وزير سان پڻ ان تي ڳالهه ٿي آهي ۽ اهي به ٻه ميمبر ڪميٽي جي لاءِ ڏيندا. هن چيو ته هن وقت ملڪ ۾ 15 سيڪڙو مقامي پيداوار ٿي رهي آهي جڏهن ته 85 سيڪڙو پيٽروليم مصنوعات اسان درآمد ڪريون ٿا ۽ اسان جو درآمدي بل ساليانو 12 ارب ڊالر کان وڌيڪ آهي. هن چيو ته چئني صوبن جي گئس جي مجموعي پيداوار 3500 ايم ايم سي ايف ڊي آهي، چار ارب ڊالر جي 800 ايم ايم سي ايف ڊي ايل اين جي درآمد ڪئي پئي وڃي ۽ ڪل 16 ارب ڊالر جون پيٽروليم مصنوعات اسان درآمد ڪريون ٿا جڏهن ته اسان جو ملڪي روانگي واپار 23 کان 24 ارب ڊالر آهي. هن چيو ته هن وقت سنڌ ۾ سوئي سدرن جي سسٽم ۾ ايل اين جي استعمال نه پئي ڪئي وڃي، سنڌ جي گئس جي پيداوار 2300 ايم ايم سي ايف ڊي، پجاب جي 114 ايم ايم سي ايف ڊي، بلوچستان جي 680 ايم ايم سي ايف ڊي ۽ خيبرپختونخواهه جي 80 ايم ايم سي ايف ڊي آهي، گذريل سال سوئي سدرن جي سسٽم ۾ 1280 ايم ايم سي ايف ڊي گئس هئي، هن سال 1200 ايم ايم سي ايف ڊي وئي آهي ۽ 80 ايم ايم سي ايف ڊي جو شارٽ فال سامهون آيو آهي، گمبٽ ۽ ڪنٽر پساکي مان 50 ايم ايم سي ايف ڊي جي پيداوار ۾ گهٽتائي ٿي. هن چيو ته اي سي سي بجلي جي شعبي جي ميرٽ آرڊر جي منظوري ڏني هئي جنهن جي ڪابينا پڻ توثيق ڪري ڇڏي آهي جنهن ۾ پن بجلي پهرين، متبادل توانائي ٻئين، ايل اين جي ٽئين، ڪوئلو چوٿين ۽ فرنس آئل پنجين نمبر تي آهن. هن چيو ته فرنس آئل ذخيرو ڪرڻ جي گنجائش ۾ گهٽتائي جي ڪري ان جي کپت ۾ گهٽتائي ٿي ۽ انهي سبب جي ڪري اٽڪ، پارڪو ۽ ٻين ٽن ريفائنرين جي پيداوار پڻ 60 کان 65 سيڪڙو گهٽ ٿي، جنهن کانپوءِ اسان فرنس آئل جي درآمد تي پابندي هڻندي آئل ريفائنرين کي برآمد ڪرڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي، ڪجهه فرنس آئل پي ايس او ۽ ڪجهه آءِ پي پيز پڻ کنيو، بجلي جي شعبي ۾ ايل اين جي جي وڌيڪ استعمال جي ڪري پڻ فرنس آئل جي کپت ۾ گهٽتائي ٿي آهي ان جي ڪري پڻ اسان جي آئل فيلڊز ۾ گهٽتائي ڏسڻ ۾ آئي، سائوٿ ۾ ٽن فيلڊز جي پروڊڪشن گهٽ ٿي. هن چيو ته 15 تاريخ تي سي اين جي جي شعبي کي گئس جي فراهمي بحال ڪئي وئي، سنڌ جي زيرو ريٽڊ ۽ جنرل انڊسٽري کي مڪمل گئس فراهم ڪئي پئي وڃي، ڪيپٽو پاور منصوبن جو مسئلو هو، انهن کي پڻ شارٽ فال کان آگاهه ڪيو جنهن سان هنن اصولي اتفاق ڪيو ته 50 سيڪڙو گئس ڏني وڃي، 50 سيڪڙو ٻين ذريعن کان حاصل ڪن.
وزيراعظم گئس جي مسئلي جو نوٽيس ورتو آهي جنهن جي جاچ هڪ ڪميٽي ڪري رهي آهي: وفاقي وزير غلام سرور خان
7 سال پھريان
