آصف علي زرداري آمريڪا ۾ موجود پنهنجي اپارٽمينٽ کي نامزدگي ڪاغذن ۾ ظاهر ناهي ڪيو: وفاقي وزير چوڌري فواد حسين

آصف علي زرداري آمريڪا ۾ موجود پنهنجي اپارٽمينٽ کي نامزدگي ڪاغذن ۾ ظاهر ناهي ڪيو: وفاقي وزير چوڌري فواد حسين

اسلام آباد (پاکستان پوائنٹ نیوز19دسمبر 2018ء) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته آصف علي زرداري آمريڪا ۾ موجود پنهنجي اپارٽمينٽ کي نامزدگي ڪاغذن ۾ ظاهر ناهي ڪيو، پاڪستان تحريڪ انصاف اليڪشن ڪميشن ۾ آصف علي زرداري جي نااهلي جي خلاف ريفرنس داخل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، اثاثا لڪائڻ جي ڪري آصف علي زرداري قومي اسيمبلي جو ميمبر هجڻ جو اهل ناهي رهيو، ڪرپشن جي جاچ آزاداڻي طريقي سان اڳتي وڌي رهي آهي، حڪومت کي ڪو سياسي چئلينج به درپيش نه آهي، مخالف ڌر جا ماڻهو تاش جي پتن وانگر وکري رهيا آهن، اهي هاڻي پاڻ ۾ نه ٿا ملي سگهن، پي ٽي آءِ 5 سال خيبرپختونخواهه ۾ ڪرپشن فري حڪومت ڪئي آهي، پي ٽي آءِ جي حڪومت رحم تي ٻڌل پاليسيون ٺاهي رهي آهي جيڪا مديني جي رياست جو اساس هئي، گذريل ڏينهن ڀارتي شهري حامد انصاري کي پاڪستان پاران رحم جي بنياد تي ڇڏيو ويو، نواز شريف جي خلاف ريفرنسز آخري مرحلي ۾ داخل ٿي چڪا آهن، عوام کي وڏي خوشخبري ملندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پارليامينٽ هائوس ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. فواد چوڌري چيو ته پيپلزپارٽي جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري جي آمريڪا ۾ اپارٽمينٽ جو انڪشاف ٿيو آهي جنهن جو نمبر 1483 ايس ڪي او 1099 آهي. هن پنهنجو اهو اپارٽمينٽ اليڪشن ڪميشن جي نامزدگي ڪاغذن ۾ ظاهر ناهي ڪيو. آئين جي آرٽيڪل 62 ۽ 63 تحت آصف زرداري تي ذميواري لاڳو ٿيندي هئي ته هو پنهنجا سمورا اثاثا نامزدگي ڪاغذن ۾ ظاهر ڪري ها. ٿي سگهي ٿو ته آصف زرداري ان کانسواءِ به اپارٽمينٽس جو مالڪ هجي جيڪي هن نامزدگي ڪاغذن ۾ ظاهر نه ڪيا هجن. خرم شير زمان اليڪشن ڪيمشن ۾ اثاثا لڪائڻ جي حوالي سان ريفرنس آصف زرداري جي خلاف داخل ڪندو. هن چيو ته نواز شريف ۽ آصف زرداري پنهنجي آخري چونڊ وڙهي چڪا آهن، مستقبل ۾ انهن جي سياست نه ڏسي رهيو آهيان. نواز شريف ۽ آصف زرداري جي خلاف ڪيس اڳتي وڌي رهيا آهن. شهباز شريف، نواز شريف، سعد رفيق ۽ آصف علي زرداري تي انهن جي پنهنجي حڪومتن ۾ ڪيس ٺهيا پر جاچ نه ڪرڻ ڏني وئي. پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت جي دور ۾ ادارا مڪمل آزاد آهن ۽ ان حوالي سان جاچ ڪري رهيا آهن. هاڻي اهي ماڻهو تاش جي پتن وانگر وکري رهيا آهن هاڻي اهي پاڻ ۾ ملي نه ٿا سگهن. پاڻ ۾ ملي به وڃن ته صفر جمع صفر هوندا. حڪومت کي مستقبل ۾ مخالف ڌر پاران ڪو به چئلينج درپيش نه آهي. پي ٽي آءِ چونڊن دوران عوام سان واعدو ڪيو هو ته ملڪ ۾ ڪرپشن فري نظام جو بنياد رکنداسين. اسان ان واعدي موجب اڳتي وڌي رهيا آهيون. ماضي ۾ سرڪاري ناڻي کي ڦريندڙن کي چور ڌاڙيل چئو ته هي ڪاوڙجي وڃن ٿا. وزيراعظم جو ويزن وڏو واضح آهي ته قومي ناڻي کي ڦريندڙن کي انهن جي منطقي انجام تائين پهچائينداسين. چوڌري فواد حسين چيو ته پي ٽي آءِ 5 سال خيبرپختونخواهه ۾ ڪرپشن فري حڪومت ڪئي آهي. اڄ پاڪستان ۾ ڪرپشن جي خلاف جاچ جي نتيجي ۾ عالمي شفافيت نظر اچي رهي آهي. عالمي سيڙپڪارن جو پاڪستان تي اعتماد وڌي رهيو آهي. برٽش ايئر ويز پاڪستان جي لاءِ 10 سالن کانپوءِ پنهنجون اڏامون بحال ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي جيڪا حڪومت جي وڏي ڪاميابي آهي. ٻيا يورپي ملڪ به پاڪستان جي حوالي سان مثبت ٽريول ايڊوائيزري جاري ڪري رهيا آهن. پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت رحم تي ٻڌل پاليسيون ٺاهي رهي آهي جيڪا مديني جي رياست جو اساس هئي. نبي اڪرم صه هجرت کانپوءِ مديني جو بنياد رحم تي رکيو. اسان جي حڪومت انهي اصول تي هلي رهي آهي. فواد چوڌري چيو ته گذريل ڏينهن ڀارتي شهري حامد انصاري کي پاڪستان پاران رحم جي بنياد تي ڇڏيو ويو. ڪرتارپور لنگهه جي پيڙهه جو پٿر رکڻ واري تقريب دوران ڀارتي صحافين ڀارتي شهري حامد انصاري جو معاملو عمران خان آڏو رکيو هو ته هو نوجوان پير جي چڪر ۾ سرحد پار ڪري پاڪستان ۾ داخل ٿيو. ان جي ڪهاڻي تي بالي ووڊ ۾ پوري فلم ٺاهي سگهجي ٿي. وزيراعظم عمران خان ڀارتي صحافين سان ملاقات دوران چيو هو ته ڀارتي صحافي والاريل ڪشمير ۾ ڀارت پاران انساني حقن جي خلاف ورزين تي ڀارت ۾ آواز اٿارين. جيستائين ڀارت ڪشمير ۾ ظلم ۽ بربريت بند نه ٿو ڪري پاڪستان ۽ ڀارت جا لاڳاپا بهتر نه ٿا ٿي سگهن. نواز شريف جي خلاف ريفرنسز آخري مرحلي ۾ داخل ٿي چڪا آهن. فيصلي ۾ عوام کي وڏي خوشخبري ملندي. فيصل واوڊا لنڊن ۾ موجود پنهنجي فليٽن کي پنهنجي نامزدگي ڪاغذن ۾ ظاهر ڪيو آهي ان لاءِ ان جي ملڪيت هجڻ غيرقانوني نه آهي.