ملڪ ۾ ماحولياتي خطرن ۽ موسمياتي تبديلين بابت وڏي پئماني تي شعور اجاگر ڪرڻ جي ضرورت آهي: صدر ڊاڪٽر عارف علوي

ملڪ ۾ ماحولياتي خطرن ۽ موسمياتي تبديلين بابت وڏي پئماني تي شعور اجاگر ڪرڻ جي ضرورت آهي: صدر ڊاڪٽر عارف علوي

اسلام آباد (پاکستان پوائنٹ نیوز18دسمبر 2018ء) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ملڪ ۾ ماحولياتي خطرن ۽ موسمياتي تبديلين بابت وڏي پئماني تي شعور اجاگر ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته آرٽ ماڻهن کي اهڙن چئلينجن کان آگاهي ڏيڻ ۾ نمايان ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو، انهن مسئلن تي ضابطو آڻڻ اسان جي گڏيل ذميواري آهي، اسان کي پنهنجي ايندڙ نسل جي لاءِ محفوظ ماحول جي فراهمي يقيني بڻائڻ جي لاءِ قدم کڻڻا پوندا. هو ڪالهه اڱاري ڏينهن هتي پاڪستان نيشنل ڪائونسل آف دي آرٽس (پي اين سي اي) ۾ آرٽ فار ڪلائيميٽ چئنج جي تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو. صدر چيو ته موسمياتي تبديلي جا ملڪي سياحتي علائقن ۾ منفي اثرن کي ڏسي افسوس ٿئي ٿو، انهن اثرن ۽ انهن سان انساني زندگين کي موجود خطرن جي ڏس ۾ سمورن لاڳاپيل حصيدارن پاران فوري قدمن جي ضرورت آهي، اسان کي ماحولياتي مسئلن جي ڏس ۾ گهر جي سطح تي وڻڪاري ۽ ڀاڄيون پوکڻ کي فروغ ڏيڻو پوندو جڏهن ته ان حوالي سان ٻارن ۾ آگاهي پيدا ڪرڻي پوندي، اسان کي موسمياتي تبديلين جي منفي اثرن کان ايندڙ نسل کي بچائڻ جي لاءِ انتهائي قدم کڻڻ جي ضرورت آهي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته سيڪيورٽي صورتحال ۾ بهتري سان ملڪ ۾ سياحتي سرگرمين ۾ اضافو ٿيو آهي، مقامي آبادي جي شموليت سان سياحتي جاين ۽ انهن ۾ موجود جانورن جو تحفظ ڪرڻ ۾ مدد وٺي سگهجي ٿي. هن چيو ته آرٽ موسمياتي تبديلين جي حوالي سان آگاهي پيدا ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو، اسان کي ماحول جي تحفظ جي حوالي سان ذميواري جو مظاهرو ڪندي ان بابت احساس کي عام ڪرڻ گهرجي. صدر چيو ته پاڪستان ٻڌ تهذيب جهڙي قيمتي ورثو رکندڙ ملڪ آهي جيڪو ان جي سياحت جي صنعت کي وڌيڪ ترقي ڏيڻ جو ذريعو بڻجي سگهي ٿو. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته هن آرٽ ۾ سدائين خاص دلچسپي ورتي آهي ۽ کيس ادب ۽ فن جو مشاهدو ڪرڻ جو وڏو شوق رهيو آهي. اهو ئي سبب آهي جو آئون آرٽ گيلريز ۾ پڻ ايندو ويندو رهندو آهيان. صدر چيو ته مسلمانن جي تاريخ ۾ جيوميٽرڪ آرٽ تمام گهڻو نمايان رهيو آهي، آرٽ اصل ۾ سماجي مسئلن کي اجاگر ڪرڻ جو وڏو موثر ذريعو آهي جڏهن ته ان سان جمالياتي ذوق ۾ پڻ اضافو ٿئي ٿو. هن چيو ته پاڪستان جي فلم انڊسٽري 60ع جي ڏهاڪي ۾ وڏي تيز ترقي ڪئي هئي ۽ پاڪستان فلمن جي تياري جي حوالي سان دنيا ۾ ٽئين نمبر تي هو جڏهن ته بعد جي سالن ۾ اها صنعت مشڪلاتن جو شڪار رهي آهي. صدر چيو ته شاعري اسان جو خوبصورت ورثو آهي جڏهن ته هاڻي ان ۾ ماڻهن جي دلچسپي گهٽ ٿي رهي آهي، اسان جي ڪوشش آهي ته ايوان صدر ۾ مرزا غالب جي ياد ۾ هڪ ادبي ويهڪ جو اهتمام ڪيو وڃي. ان موقعي تي هن داستان لکڻ جي اهميت کي اجاگر ڪيو ۽ ان حوالي سان ناليوارين شخصيتن ضياءَ محي الدين ۽ ڀارت مان نصيرالدين شاهه جي فن جو پڻ ذڪر ڪيو. بعد ۾ صدر پي اين سي اي ۾ مختلف فنڪارن جا فن پارا پڻ ڏٺا ۽ انهن جي فن کي ساراهيو.