ڀارتي فوج ڪشميرن ۾ رت جي هولي کيڏي رهي آهي، معصوم مردن، عورتن ۽ ٻارن تي ظلم جا پهاڙ ڪيرايا پيا وڃن: سينيٽرز

ڀارتي فوج ڪشميرن ۾ رت جي هولي کيڏي رهي آهي، معصوم مردن، عورتن ۽ ٻارن تي ظلم جا پهاڙ ڪيرايا پيا وڃن: سينيٽرز

اسلام آباد (پاکستان پوائنٹ نیوز18دسمبر 2018ء) سينيٽ جي ميمبرن چيو آهي ته ڀارتي فوج ڪشميرن ۾ رت جي هولي کيڏي رهي آهي، معصوم مردن، عورتن ۽ ٻارن تي ظلم جا پهاڙ ڪيرايا پيا وڃن، عالمي قانونن پائمال ڪيا پيا وڃن، عالمي برادري ان صورتحال جو نوٽيس وٺي، ڀارت کي خطي ۾ پوليس مين نه بڻجڻ ڏينداسين، اڱاري ڏينهن سينيٽ جي اجلاس ۾ والاريل ڪشمير ۾ صورتحال جي حوالي سان گڏيل قومن جي رپورٽ بابت رٿ تي بحٿ ۾ حصو وٺندي سينيٽر ليفٽيننٽ جنرل (ر) عبدالقيوم چيو آهي ته والاريل ڪشمير جي صورتحال انتهائي خراب آهي ۽ ڀارت معصوم ڪشميرين تي ظلم جا پهاڙ ڪيرائي رهيو آهي، هن چيو ته او آءِ سي به ان صورتحال جو نوٽيس ورتو آهي، ڪشمير ۾ قتل ۽ غارت روڪڻ جي لاءِ عالمي برادري کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي ۽ گڏيل قومن جي قراردادن تي عملدرآمد ڪرائڻ گهرجي. سينيٽر رضا رباني چيو ته والاريل ڪشمير جي تحريڪ اتان جي عوام جي پنهنجي تحريڪ آهي، ڀارت رياستي دهشتگردي جو مرتڪب ٿي رهيو آهي، ظلم ۽ بربريت جو ڪو ٻيو مثال جيڪڏهن دنيا ۾ ملندو آهي ته اهو والاريل فلسطين ۾ آهي، عالمي برادري قانونن کي پائمال ڪيو پيو وڃي، هن چيو ته عالمي برادري کي والاريل ڪشمير ۾ ظلم بند ڪرائڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي، سينيٽ ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي جي پارلياماني اڳواڻ سينيٽر شيري رحمان چيو ته ڪشميرين تي ٿيندڙ ظلم ۽ بربريت جي خلاف هر فورم تي آواز اٿارڻ جي ضرورت آهي، ڪشمير مسئلي تي پاڪستان جو موقف اٽل آهي، ڪشميرين جي اخلاقي، سفارتي ۽ سياسي حمايت جاري رکنداسين، گڏيل قومن ۾ به ٻين ملڪن جي طرفان ڪشمير تي اڄ ڳالهه نٿي ڪئي وڃي، شايد اهي ڪشمير مسئلي کي وساري ويٺا آهن پر اسان هر سطح تي ڪشميرين تي ظلم بند ڪرائڻ جي لاءِ آواز اٿارڻي آهي، سينيٽر مشتاق احمد چيو ته والاريل ڪشمير ۾ ظلم ۽ بربريت جي خاتمي جي لاءِ عالمي برادري ۽ گڏيل قومن کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي، ڪشميري ڀارتي ظلم ۽ جبر جو شڪار آهن، گڏيل قومون انهن سان جيڪي واعدا ڪيا آهن اهي اڃان تائين پورا ناهن ٿيا، سينيٽر مشاهد الله خان چيو ته ڪشمير مسئلي تي آواز اٿارڻ اسان جي قومي ذميداري آهي، ڪشمير مسئلي جي حل تائين پاڪستان ۽ پاڪستاني عوام ساڻن گڏ بيٺل آهي.