افغانستان مسئلي جو واحد حل ڳالهيون ئي آهن: سينيٽر فيصل جاويد

افغانستان مسئلي جو واحد حل ڳالهيون ئي آهن: سينيٽر فيصل جاويد

اسلام آباد (پاکستان پوائنٹ نیوز18دسمبر 2018ء) پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ سينيٽر فيصل جاويد چيو آهي ته وزيراعظم پاڪستان جي افغانستان ۾ پائيدار امن جي لاءِ شروع ڏينهن کان هڪ ئي موقف آهي ته جنگ ڪنهن مسئلي جو حل ناهي، ڳالهين ۾ ئي مسئلي جو حل آهي، متحده اپوزيشن مان حڪومت کي خطرو ناهي. اڱاري ڏينهن پارليامينٽ هائوس ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي سينيٽر فيصل جاويد چيوته وزيراعظم عمران خان جو افغانستان ۾ پائيدار امن جي لاءِ شروع ڏينهن کان هڪ ئي موقف آهي ته جنگ ڪنهن مسئلي جو حل ناهي، ڳالهين سان ئي مسئلي جو حل ڪڍي سگهجي ٿو، طالبان سان ڳالهيون آمريڪا جي مجبوري آهي، خطي ۾ پائيدار امن جي لاءِ ڳالهين کي ترجيح ڏيڻ چاهيون ٿا، ان حوالي سان پاڪستان پنهنجو ڪردار ادا ڪندو. هن چيو ته موجوده حڪومت عوام جي خدمت تي يقين رکي ٿي، عوام ۾ ماضي جي حڪومتن جي حوالي سان شڪ ۽ شهبا درست آهن، موجوده حڪومت ايماندار ۽ عوام دوست آهي، ماضي جي حڪومتن گذريل 10 سالن ۾ ملڪ کي برباد ڪري ڇڏيو آهي، ملڪ ۾ احتساب جو عمل جاري آهي، سينيٽر فيصل جاويد چيو ته مخالف ڌر جو اتحاد حڪومت جي لاءِ خطرو ناهي، مخالف ڌر کي گذريل 10 سالن جو حساب ڏيڻو پوندو، تحريڪ انصاف جي حڪومت قائداعظم جي پاڪستان جي طرف وڌي رهي آهي، هن چيو ته سال 2019ع صحيح معنيٰ ۾ احتساب ۽ ڪرپشن جي خاتمي جو سال هوندو. اي پي پي/ص – ج/ش – چ/ر – م 16:43