سينيٽ پاران زڪوات عشر جي نظام ۽ اسلامي معاشي نظام تي عملدرآمد جي حوالي سان قرارداد منظور

سينيٽ پاران زڪوات عشر جي نظام ۽ اسلامي معاشي نظام تي عملدرآمد جي حوالي سان قرارداد منظور

اسلام آباد (پاکستان پوائنٹ نیوز18دسمبر 2018ء) سينيٽ جي زڪوات عشر جي نظام ۽ اسلامي معاشي نظام تي عملدرآمد جي حوالي سان قرارداد جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، اڱاري ڏينهن سينيٽ جي اجلاس ۾ ان سلسلي ۾ سينيٽر مشتاق احمد قرارداد پيش ڪئي جنهن تي مذهبي معاملن واري وفاقي وزير نور الحق قادري چيو ته ارڙهين ترميم کانپوءِ مرڪزي زڪوات ڪائونسل ختم ٿي وئي آهي ۽ هاڻي زڪوات جو معاملو صوبن ڏانهن هليو ويو آهي، وفاق جي سطح تي صرف زڪوات جمع ڪرڻ جو ڪم رهجي ويو آهي، جيڪڏهن صوبن جي لاءِ ايوان ڪا رهنمائي يا مشورو ڏئي ٿو ته ان تي اسان کي اعتراض ناهي، جنهن کانپوءِ ايوان قراداد جي منظوري ڏئي ڇڏي.