روس پاڪستان سان ويجها لاڳاپا چاهي ٿو: سليم ايڇ مانڊي والا

روس پاڪستان سان ويجها لاڳاپا چاهي ٿو: سليم ايڇ مانڊي والا

اسلام آباد (پاکستان پوائنٹ نیوز18دسمبر 2018ء) سينيٽ جي وقتي چيئرمين سليم ايڇ مانڊي والا چيو آهي ته روس پاڪستان سان ويجها لاڳاپا چاهي ٿو، ڪشمير مسئلي جي حل ۾ روس اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو، ڊالر مهانگو ٿيڻ سان نقصان ٿيو، نجي ٽي وي سماءُ جي ڪئميرا مين تي سيڪيورٽي گارڊ جي تشدد جي مذمت ڪريان ٿو. اڱاري ڏينهن پارليامينٽ هائوس ۾ سينيٽر محسن عزيز سان گڏ روس جي دوري تي بريفنگ ڏيندي سينيٽ جي وقتي چيئرمين چيو ته رشين فيڊريشن جي 25 هين سالگرهه جي تقريب ۾ شرڪت ڪئي، اسان جو روس جو دورو انتهائي اهم هو، روس ۾ منعقد ڪانفرنس ۾ اسان ڪشمير مسئلي کي اٿاريو، اسان مطالبو ڪيو ته ڪشمير مسئلو جلد حل ٿيڻ گهرجي، اسان تجويز ڏني ته سموريون پارليامينٽس ڪشمير مسئلي جي حوالي سان قرارداد منطور ڪن ته اسلامي ملڪن منهنجي تجويز جي آجيان ڪئي، انڊونيشيا، ملائيشيا ۽ بين ملڪن کي ڪشمير جي حوالي سان پاڪستاني پارليامينٽ جي منظور ڪيل قراردادون موڪلينداسين، ڪانفرنس ۾ افغانستان جي صورتحال تي به ڳالهه ٿي، سليم مانڊي والا چيو ته پاڪستان جلد شنگهائي تعاون تنظيم جو مڪمل ميمبر بڻجي ويندو، 15 سال اڳ روس اسان سان ڳالهائڻ لاءِ تيار نه هو پر هاڻي پاڪستان ۽ روس جي پارليامينٽ جا ويجها لاڳاپا قائم آهن، اڳوڻي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق روس ۽ پاڪستان جي وچ ۾ پارلياماني سفارتڪاري جي فروغ جي حوالي سان اهم ڪردار ادا ڪيو، هن چيو ته روس پاڪساتن سان لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ چاهي ٿو جڏهن ته روس پاڪستان سان اقتصادي تعاون جي لاءِ تيار آهي. سليم مانڊوي والا چيو ته روس خطي ۾ اهم ڪردار ادا ڪرڻ چاهي ٿو اسان کي ان کي سنجيدگي سان وٺڻ گهرجي، اسان کي ڪشمير مسئلي جي حوالي سان هر آپشن استعمال ڪرڻ گهرجي، ڀارت سان اسان جو واپار ڪڏهن بند ناهي ٿيو، پاڪستان ڪڏهن به ڀارت سان ڳالهين کان انڪار ناهي ڪيو، وقتي چيئرمين چيو ته مودي حڪومت جي سياسي حڪمت عملي پاڪستان سان ڇڪتاڻ ۾ اضافي جو سبب بڻجي رهي آهي، هڪ سوال جي جواب ۾ سليم مانڊي والا چيو ته ڊالر جي مقابلي ۾ روپئي جي قيمت ايتري وڌيڪ گهٽ ڪرڻ جي خلاف آهيان، راتو رات روپئي جي قيمت ۾ ايتري وڏي سطح تي گهٽتائي سان ماڻهن جو نقصان ٿيو، آئنده روپئي جي اگهه ۾ اهڙي طرح جي گهٽتائي کان پاسو ڪرڻ گهرجي، هڪ ٻي سوال جي جواب ۾ سليم مانڊي والا چيو ته قانوني طور تي اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين جي پارليامينٽ ۾ اچڻ تي ڪا پابندي نه آهي، فواد چوڌري جو سينيٽ چيئرمين کان معافي گهرڻ جو مطالبو درست نه آهي، اسان کيس سمجهائينداسين ته ان طرح جون ڳالهيون نه ڪريو، وقتي چيئرمين چيو ته نجي ٽي وي چينل سماءُ جي ڪئميرا مين تي تشدد جي مذمت ڪريان ٿو، سيڪيورٽي گارڊ جي خلاف ايڪشن کڻڻ گهرجي، پارليامينٽ ۾ پرائيويٽ سيڪيورٽي گارڊ جي داخلا تي پابندي هجڻ گهرجي، ڪالهوڪي ان واقعي تي پريشان آهيان، اميد آهي ته آئنده ان طرح جا واقعا نه ٿيندا.