اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير پاران علي اعجاز جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار

اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير پاران علي اعجاز جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار

اسلام آباد (پاکستان پوائنٹ نیوز18دسمبر 2018ء) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين فلم ۽ ٽي وي جي مشهور فنڪار علي اعجاز جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. اڱاري ڏينهن پنهنجي تعزيتي بيان ۾ وفاقي وزير چيو ته اڄ پاڪستان هڪ ورسٽائيل فنڪار کان محروم ٿي ويو، فن جي دنيا ۾ ان جي ڪمي سدائين محسوس ٿيندي رهندي، هن چيو ته علي اعجاز اهو باصلاحيت فنڪار هو جنهن مزاحيه ۽ سنجيده ڪردار انتهائي خوبصورتي سان ادا ڪيا. اطلاعات واري وزير چيو ته هن مزاح کي هڪ نئون رنگ ڏنو، جڏهن ٽريجڊي ڪردار ڪيا ته سالن جا سال گذرڻ کانپوءِ به ماڻهن کيس نه وساريو، اطلاعات واري وزير چيو ته فواد حسين دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم کي پنهنجي جوار رحمت ۾ جڳهه عطا فرمائي ۽ پوئينرن ۽ کي صبر جميل عطا فرمائي.