ملڪ ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري سان خوشحالي ايندي: وزيراعظم عمران خان

ملڪ ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري سان خوشحالي ايندي: وزيراعظم عمران خان

اسلام آباد (پاکستان پوائنٹ نیوز17دسمبر 2018ء) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ملڪ ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري سان خوشحالي ايندي، واپارين ۽ برآمد ڪندڙن جي آساني جي لاءِ ڪم ڪري رهيا آهيون، ماضي ۾ روانگي واپار ۽ واپار وڌائڻ تي ڪو ڌيان نه ڏنو ويو، اسان جي حڪومت واپارين ۽ برآمد ڪندڙن کي هر ممڪن مدد فراهم ڪندي، ملڪ ۾ پيدائش دولت جا موقعا وڌائڻ ۽ ڪاروبار ڪرڻ جي لاءِ آسانيون پيدا ڪرڻ تي ڌيان ڏنو آهي، سوچ ۾ تبديلي پيدا ڪري ۽ ماضي جي غلطين مان سبق سکي مقرر هدف حاصل ڪري سگهجن ٿا، ننڍي ۽ وچين درجي جي صنعتن کي فروغ ڏنو ويندو، حڪومت شروعاتي چئن مهينن دوران پرڏيهي ناڻي جي ذخيرن ۾ اضافي تي ڀرپور ڌيان ڏنو جنهن جا نتيجا جلد سامهون ايندا. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪالهه سومر ڏينهن وفاقي صنعت ۽ واپار ايوان (ايف پي سي سي آءِ) جي 42 هين ايوارڊز ورهائڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته خوشحالي ۽ ترقي جي لاءِ دولت پيدا ڪرڻ ۽ جائز طريقي سان ڪاروبار ڪرڻ تمام ضروري آهي، جڏهن دولت ۾ اضافو ٿيندو ته ملڪ ترقي ڪندو ۽ وڌيڪ پئسو تعليم، پيئڻ جي صاف پاڻي ۽ صحت جي سهولتن تي خرچ ڪري سگهبو. هن چيو ته ماضي جي حڪومتن دولت پيدا ڪرڻ ۽ ڪاروبار ۾ آسانيون پيدا ڪرڻ بابت سوچيو ئي نه. هن چيو ته اسان جي ڪوشش آهي ته ملڪ ۾ پيدائش دولت ۽ ڪاروبار ڪرڻ ۾ آسانيون پيدا ڪيون وڃن، ننڍي ۽ وچين درجي جي صنعتن کي مستحڪم ڪرڻ جي لاءِ حڪومت ڀرپور قدم کڻي رهي آهي. هن چيو ته گذريل حڪومت پاران وڏو واپاري خسارو ورثي ۾ مليو، واپاري خساري کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ حڪومت ڏينهن رات ڪم ڪري رهي آهي. هن چيو ته ماضي ۾ روانگي واپار ۽ واپار وڌائڻ جي حوالي سان سوچيو ئي نه ويو، ملڪ ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري سان ئي خوشحالي ايندي. هن چيو ته واپاري شعبي ۾ مشڪلاتن سان ننڍين صنعتن کي نقصان پهتو، اسان کي پنهنجي غلطين مان سکڻو پوندو، پاڪستان ۾ هيستائين جيڪي غلطيون ٿيون آهن انهن کي ٺيڪ ڪنداسين، ڪاميابي جو راز به اهو ئي آهي ته انسان پنهنجي غلطين مان سکي. هن چيو ته پاڪستان ۾ واپار جي موقعن کي بهتر ڪرڻ چاهيون ٿا، واپارين ۽ برآمد ڪندڙن جي سهولت لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رهيا آهيون. هن چيو ته جڏهن اسان حڪومت سنڀالي ته ڪيترائي مسئلا درپيش هئا، پرڏيهي ناڻي جا ذخيرا تمام گهٽ آهن، اسان روزاني جي بنياد تي ان تي ڌيان ڏنو آهي، اسان حڪومت جي شروعاتي چئن مهينن دوران پرڏيهي ناڻي جا ذخيرا وڌائڻ تي ڀرپور ڌيان ڏنو آهي جنهن جا نتيجا جلد سامهون ايندا. هن وڌيڪ چيو ته واپار، سيڙپڪاري ۽ روانگي واپار جي فروغ جي حوالي سان جيڪي قلمدان آهن اهي مون پاڻ وٽ ان لاءِ رکيا آهن جو آئون مجموعي طور تي سڀني جي ڪارڪردگي بطور وزيراعظم ڏسي سگهان ۽ جيڪي مشڪلاتون ۽ ڪوتاهيون آهن انهن کي موثر انداز سان ختم ڪري سگهان. هن چيو ته جڏهن اسان مديني جي رياست جي ڳالهه ڪريون ٿا ته اسان کي اهو ڏسڻ گهرجي ته نبي اڪرم صه مديني جي رياست جو بنياد رکيو ته پاڻ صه پنهنجي فائدي جي لاءِ ڪو ڪاروبار نه ڪيو ۽ ڏسندي ئي ڏسندي ان جو دائرو پوري عرب تائين پکڙجي ويو. هن چيو ته جڏهن حضرت ابوبڪر صديق رضه خلافت سنڀالي ته پاڻ پنهنجي ڪپڙي جو ڪاروبار بند ڪري ڇڏيو، اسان انهن ئي اصولن جي بنياد تي اڳتي وڌڻ چاهيون ٿا. هن چيو ته حڪومت ننڍي ۽ وچين درجي جي صنعتن کي ٺيڪ ڪرڻ چاهي ٿي، واپاري شعبي ۽ برآمد ڪندڙن جي هر ممڪن مدد ڪنداسين، ڪاروبار ۾ آسانيون پيدا ڪرڻ ۽ صنعتن تي ڌيان ڏينداسين ته جيئن روانگي واپار ۾ اضافو ٿي سگهي. هن چيو ته ملائيشيا اسان کان پـٺتي هو ۽ ان جو روانگي واپار 220 ارب ڊالر آهي، سنگاپور هڪ ننڍو ملڪ آهي جنهن جو روانگي واپار 330 ارب ڊالر جو ٿي رهيو آهي جڏهن ته 21 ڪروڙ آبادي جو ملڪ پاڪستان آهي جنهن جو روانگي واپار رڳو 24 ارب ڊالر آهي. هن وڌيڪ چيو ته اسان جي ڪوشش آهي ته اسان ان طرف اچون ته دولت ڪيئن پيدا ڪرڻي آهي ته جيئن ملڪ ۾ خوشحالي اچي. وزيراعظم چيو ته اسان جي صنعتڪارن کي ٻاهر ڀڄڻو پيو ۽ پنهنجون صنعتون بند ڪرڻيون پيون، گذريل حڪومت صنعتي شعبي جي ريفنڊ کي پان وٽ رکيو جنهن سان صنعتي شعبي جون مشڪلاتون وڌيون. هن چيو ته جيڪڏهن صنعتن جي ايتري وڏي رقم ريفنڊ طور تي رکي ويندي ته فيڪٽريون ڪيئن هلنديون. هن وڌيڪ چيو ته واپار ۽ ناڻي واري وزارت پاران صنعتي شعبي کي عالمي قيمتن جي برابر توانائي جي فراهمي جو فيصلو خوش آئنده آهي. هن چيو ته صنعتي شعبي کي توانائي جي آسان قيمتن تي فراهمي سان انهن جون مشڪلاتون گهٽ ٿينديون ۽ پيداوار ۾ اضافو ٿيندو. هن چيو ته اسان کي پنهنجي غلطين مان سکڻو پوندو، ڪاميابي جو راز اهو ئي آهي ته اسان پنهنجي غلطين مان سکون ۽ هو جيڪي به ڪوتاهيون ۽ مشڪلاتون ڏسن انهن کي ختم ڪن. هن تقريب جي پڄاڻي تي ايف پي سي سي آءِ ۽ ٻين ڪاروباري برادري جا ٿورا مڃيا.