وزيراعظم سان خيبرپختونخوا جي گورنر شاهه فرمان جي ملاقات

وزيراعظم سان خيبرپختونخوا جي گورنر شاهه فرمان جي ملاقات

پشاور (پاکستان پوائنٹ نیوز14دسمبر 2018ء) وزيراعظم عمران خان سان خيبرپختونخوا جي گورنر شاهه فرمان جي ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ عوامي مسئلن ۽ ٻين معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان کان اڳ گورنر هائوس پشاور اچڻ تي گورنر شاهه فرمان وزيراعظم جو استقبال ڪيو. ان موقعي تي خيبرپختونخوا جو وڏو وزير محمود خان به موجود هو، ملاقات ۾ خيبرپختونخوا ۾ ضم ٿيل قبائلي علائقن ۾ تيز رفتار معاشرتي ترقي جي حوالي سان معاملا به بحث هيٺ آيا.