جيستائين پاڪستان ۾ سيڙپڪاري نه ٿيندي روزگار جا موقعا پيدا نه ٿيندا: وزيراعظم عمران خان

جيستائين پاڪستان ۾ سيڙپڪاري نه ٿيندي روزگار جا موقعا پيدا نه ٿيندا: وزيراعظم عمران خان

پشاور (پاکستان پوائنٹ نیوز14دسمبر 2018ء) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته جيستائين پاڪستان ۾ سيڙپڪاري نه ٿيندي روزگار جا موقعا پيدا نه ٿيندا، ملڪ ۾ معاشي ترقي ۽ روزگار لاءِ سيڙپڪاري جي موقعن کي وڌائڻو پوندو، ايگزون جهڙيون وڏيون ڪمپنيون پاڪستان ۾ سيڙپڪاري لاءِ اچي رهيون آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن خيبرپختونخوا حڪومت جي سئو ڏينهن جي ڪارڪردگي جي حوالي سان منعقد تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي خيبرپختونخوا جو گورنر شاهه فرمان، وڏو وزير محمود خان، صوبائي وزير ۽ ٻيا عملدار موجود هئا. عمران خان خيبرپختونخوا جي وڏي وزير محمود خان ۽ پنجاب جي وڏي وزير عثمان بوزدار جي ڪارڪردگي کي تحسين لائق قرار ڏيندي چيو ته ٻنهي پنهنجي پنهنجي صوبن ۾ عوامي ڀلائي ۽ بهتري لاءِ ڪيترائي قدم کنيا آهن، محمود خان ۽ عثمان بوزدار تي مڪمل اعتماد آهي ڇو ته اهي ٻئي ڄڻا ڪنهن جي دٻاءُ ۾ ناهن ايندا، هن چيو ته وڏي وزير محمود خان کي خيبرپختونخوا ۾ بي سهارا ۽ غريب ماڻهن لاءِ شيلٽر هومز بڻائن تي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا، غريبن لاءِ شيلٽر هومز منصوبي جو قيام انتهائي سٺو قدم آهي، هن چيو ته 2018ع جي عام چونڊن کانپوءِ اڄ پهريون ڀيرو پشاور ۾ وزيراعظم طور خطاب ڪري رهيو آهيان، خيبرپختونخوا ۾ پي ٽي آءِ کي ڪارڪردگي جي بنياد تي عوام ٻيهر مينڊيٽ ڏنو، خيبرپختونخوا جا ماڻهو سياسي شعور رکندا آهن، ٻيهر مينڊيٽ تي خيبرپختونخوا جي عوام جو ٿورائتو آهيان، اسان مينڊيٽ وٺڻ لاءِ ڪو روايتي حربو استعمال ناهي ڪيو، صوبي جي ماڻهن جي زندگين ۾ تبديلي آئي ان لاءِ ٻيهر مينڊيٽ مليو، جيڪڏهن ڪو به تڪ کولڻ چاهي ٿو ته اسان تيار آهيون، پي ٽي آءِ جي حڪومت کي معاشي خسارو ورثي ۾ مليو آهي تنهن هوندي به حڪومت معاشي صورتحال کي بهتر بڻائڻ لاءِ سمورا قدم کڻي رهي آهي، تمام جلد معاشي صورتحال بهتر ٿي ويندي، عوام کي ٿورو صبر ڪرڻو پوندو. هن چيو ته اسان جي اولين ترجيح عوام جي زندگي جو معيار بلند ڪرڻ آهي ان لاءِ اسان قدم کڻي رهيا آهيون، ملڪ ۾ هڪ جهڙو تعليمي نصاب بڻائن تي ڪم ٿي رهيو آهي ته جئين امير ۽ غريب ۾ فرق ختم ٿي سگهي ۽ هو هڪ ئي نصاب پڙهي تعليم مڪمل ڪري ملڪ جي خدمت ڪري سگهن، رياست مديني جو مطلب آهي سنت جي رستي تي هلڻ، اسان جي سڄي پاليسي اها هجڻ گهرجي ته غريب طبقي کي ڪيئن مٿي آڻڻو آهي، پئسا نه به آهن ته به اسان کي ڪمزور طبقي جي مدد ڪرڻي آهي، انشاءُ الله ملڪ تمام جلد ترقي جون منزلون طئي ڪندو ۽ ملڪي ايڪسپورٽ ۾ اضافو ٿيندو، اسان سڄي ملڪ جي ٻارن لاءِ هڪ نصاب لاءِ ڪم ڪري رهيا آهيون، هن چيو ته هاڻي اسان کي فارورڊ بلاڪ جو به مسئلو ناهي، جيڪو وزير ڪم نه ڪندو ۽ آفيس نه ايندو ان کان وزارت واپس ورتي ويندي، جيڪو بيورو ڪريٽ ڪم نه ڪندو ان کي ڪڍي ڇڏينداسين، وزيراعظم عمران خان پاڪ آمريڪا لاڳاپن جي باري ۾ ڳالهائيندي چيو ته آمريڪا طالبان سان ڳالهين لاءِ اسان کان تعاون گهريو، ماضي ۾ اسان کي ڊو مور چوڻ وارو آمريڪا هاڻي طالبانن سان ڳالهيون ڪرائڻ جو چئي رهيو آهي ۽ مدد گهري رهيو آهي، افغانستان ۾ امن ٿيندو ته پشاور واپاري ۽ سياحتي مرڪز بڻجندو، قلعه بالا حصار کي سياحتي مرڪز ٺاهينداسين جڏهن ته فرنٽيئر ڪور کي ٻي جڳهه تي زمين ڏينداسين، پشاور کي ترقي يافته ۽ گلن جو شهر بڻائڻ لاءِ سمورا قدم کڻنداسين. ان موقعي تي عمران خان شهباز شريف ۽ نواز شريف کي تنقيد جو هدف بڻائيندي چيو ته پنجاب جو اڳوڻو وڏو وزير وزيراعظم جو جهاز استعمال ڪندو هو ۽ هن انٽرٽينمينٽ جي مد ۾ 35 ڪروڙ روپيا خرچ ڪيا، نواز شريف ۽ شهباز شريف جي ڪارڪردگي صرف اشتهارن ۾ هئي، وزيرن کي تاڪيد ڪريان ٿو ته توهان وٽ ٽي مهينا آهن، عوام جي خدمت لاءِ وزير محنت ڪن، هن جو چوڻ هو ته قبائلي علائقن جو خيبرپختونخو ۾ ضم ٿين کانسواءِ ڪو ٻيو آپشن نه هو، حڪومت قبائلي علائقن جي ترقي جي لاءِ روڊ ميپ ٺاهي رهي آهي، قبائلي علائقن ۾ مقامي حڪومتن جو نظام آڻينداسين ۽ قبائلي عوام کي هيلٿ ڪارڊ ڏينداسين، هن چيوته ايگزون 27 سالن کانپوءِ پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ڪري رهي آهي، ايگزون پاڪستان ۾ سمنڊ ۾ هڪ جڳهه ڏٺي آهي جتي هو ڊرلنگ ڪندي، ايگزون سمنڊ ۾ مخصوص جڳهه تي گئس جي موجودگي جو امڪان ظاهر ڪيو آهي، جنهن سان 5 سالن تائين ملڪ جون ضرورتون پوريون ٿينديون، وزيراعظم عمران خان جو چوڻ هو ته مهمند ۽ ڀاشا ڊيم لاءِ پئسا گڏ ڪري رهيا آهيون، مهمند ڊيم مان پشاور لاءِ پاڻي جو مسئلو سدائين جي لاءِ حل ٿي ويندو.