غير ملڪي سيڙپڪارن کي متوجهه ڪرڻ لاءِ موثر سيڙپڪاري نظام فراهم ڪري رهيا آهيون: صدر ڊاڪٽر عارف علوي

غير ملڪي سيڙپڪارن کي متوجهه ڪرڻ لاءِ موثر سيڙپڪاري نظام فراهم ڪري رهيا آهيون: صدر ڊاڪٽر عارف علوي

مڪه مڪرمه (پاکستان پوائنٹ نیوز14دسمبر 2018ء) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته اسان پاڪستان ۾ غير ملڪي سيڙپڪارن کي پاڻ طرف متوجهه ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان ۾ هڪ موثر سيڙپڪاري نظام فراهم ڪري رهيا آهيون، ون ونڊو جي صورت ۾ ڊگهي ۽ ڏکي نظام کي سيڙپڪارن جي سهولت جي لاءِ وڌيڪ آسان بڻايو پيو وڃي ته جيئن وقت جي بچت ٿئي ۽ سيڙپڪارن کي بهتر سهولتون ڏئي انهن کي متوجهه ڪيو وڃي. ون ونڊو آپريشن سيڙپڪاري جي طريقيڪار کي وڌيڪ گهٽ وقت ۽ آسان بڻائيندو، اهڙن خيالن جو اظهار هن هتي پاڪستاني برادري جي نمائنده وفد کي خطاب ڪندي ڪيو، وفد ۾ ميڊيا، تعميراتي شعبي، بينڪنگ، مزدور طبقي، فنانس ۽ اڪائونٽنگ سيڪٽر، ڊاڪٽرز ۽ تعليمي شعبي جا نمائندا شامل هئا، صدر پاڪستاني معيشت ۾ پرڏيهي ملڪن ۾ پاڪستاني برادري جي ڪردار جي واکاڻ ڪندي چيو ته هو قيمتي پرڏيهي ناڻو پنهنجي ملڪ موڪلي ملڪ جي خدمت ڪندا آهن، هن اهو پرڏيهي ناڻو بينڪنگ چينلز جي ذريعي پاڪستان موڪلڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ته جئين انهن جي سخت محنت ۽ ڪمائي پاڪستان جي معيشت ۾ ترقي جو محرڪ بڻجي سگهي، صدر چيو ته اسان تبديلي جي لاءِ آيا آهيون ۽ اسان سڀ کي گڏجي انهي طرح تبديلي جو آغاز ڪرڻو آهي. پاڪ سعوديه معاشي لاڳاپن جي حوالي سان سوال جو جواب ڏيندي صدر چيو ته سعودي عرب هر مشڪل وقت ۾ پاڪستان جو ساٿ ڏنو آهي، پاڪ سعوديه پراڻي لاڳاپن جي بنياد تي ملڪن جي ماڻهن کي پاڻ ۾ رابطن ۽ پاڪستاني عوام جي حرمين شريفين سان محبت آهي، هن چيو ته ٻنهي ملڪن جي معيشت ۾ اها هڪجهڙائي آهي ته انهن جي آبادي جو 50 سيڪڙو کان وڌيڪ حصو نوجوانن تي ٻڌل آهي، جيڪا هڪ وڏي صلاحيت آهي ۽ هي نوجوان پنهنجي ملڪن جي معيشت مثبت ڪردا ادا ڪري سگهن ٿا ۽ انهن کي ڪم ڪرڻ جي لاءِ موقعا ملڻ گهرجن، هن چيو ته سعودي مارڪيٽ ۾ غير تربيت يافته پورهيت طبقي جي نسبت تربيت يافته ماڻهن جي گهرج ۾ اضافو ٿيو آهي ۽ اسان کي ان جي طلب مان فائدو کڻڻ جي ضرورت آهي، پرڏيهي ملڪ رهندڙ پاڪستانين جي ڊيٽابيس جي حوالي سان هڪ سوال جو جواب ڏيندي ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته پرڏيهي ملڪ ۾ رهندڙ پاڪستاني پنهنجي ملڪ جي لاءِ هڪ اثاثو ۽ پرڏيهي ملڪ پاڪستان جا سفير آهن ۽ اسان کي يقيني طور تي انهن کي ترقياتي عمل ۾ شامل ڪنداسين ۽ انهن جي تجربن مان ڀرپور فائدو کڻنداسين. صدر ڪميونٽي طرفان اٿاريل مسئلن کي نوٽ ڪيو ۽ چيو ته هو پاڪستان پهچي لاڳاپيل ادارن کان انهن نقطن تي رپورٽ وٺندو.