پاڪستان ٽيلي ويزن ۽ ريڊيو پاڪستان کي هڪ انتظامي ڪنٽرول ۾ آڻڻ جي لاءِ قدم کنيا پيا وڃن: چوڌري فواد حسين

پاڪستان ٽيلي ويزن ۽ ريڊيو پاڪستان کي هڪ انتظامي ڪنٽرول ۾ آڻڻ جي لاءِ قدم کنيا پيا وڃن: چوڌري فواد حسين

اسلام آباد (پاکستان پوائنٹ نیوز14دسمبر 2018ء) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته پاڪستان ٽيلي ويزن ۽ ريڊيو پاڪستان کي هڪ انتظامي ڪنٽرول ۾ آڻڻ جي لاءِ قدم کنيا پيا وڃن، ٻنهي ادارن جو بورڊ هڪ ڪيو ويو آهي، هن سال پاڪستان ٽيلي ويزن کي منافع بخش ادارو بڻائينداسين، جڏهن ته ريڊيو پاڪستان کي ٻن سالن ۾ پنهنجي پيرن تي بيهارينداسين، جمعي ڏينهن قومي اسيمبلي ۾ سوالن واري وقفي دوران شآهده رحماني جي سوال جي جواب ۾ مملڪتي وزير علي محمد خان ٻڌايو ته پي بي سي جي اثاثن جي ڏس ۾ فيصلو پي بي سي بورڊ آف ڊائريڪٽرز ڪندو آهي جيڪو مجاز فورم آهي، علي محمد خان چيو ته پي بي سي جي عمارت کي مسواڙ تي نه پيو ڏنو وڃي، ريڊيو پاڪستان کي ٻيهر پنهنجي پيرن تي بيهارڻ ۽ ان کي منافع بخش بڻائڻ جي لاءِ حڪومت قدم کڻندي، ڪنهن کي بيروزگار نه ڪيو ويندو تنهن هوندي به گذريل دورن ۾ هتي پنهنجي من پسند ماڻهن کي ڀرتي ڪيو ويو، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو ته ريڊيو پاڪستان ميوزيم ۾ وڃي علم ٿيندو ته 1960ع ۾ ريڊيو جي ٽرانسميٽر سميت ٻيا اوزار اسان پاڻ ٺاهينداسين هئاسين پر هاڻي هي شيءَ درآمد ڪئي پئي وڃي، ريڊيو کي جديد رخن تي هموار ڪرڻ کانسواءِ ڪو چارو ناهي، حڪومت هر سال پنج ارب 65 ڪروڙ روپيا ڏيندي آهي، ريڊيو جي آمدني 20 ڪروڙ روپيا آهي، اسان هڪ جامع پلان جوڙي رهيا آهيون، ريڊيو پاڪستان ۽ پي ٽي وي جو بورڊ هڪ ڪري ڇڏيو آهي، ايندڙ مرحلي ۾ انهن کي هڪ انتظامي ڇٽي هيٺ آڻينداسين، هن سال پي ٽي وي کي منافعي ۾ آڻينداسين ۽ ايندڙ ٻن سالن ۾ ريڊيو کي به ان صورتحال مان ڪڍي وٺنداسين.