ايندڙ ڏهاڪي ۾ پاڪستان دنيا ۾ ترقي جي حوالي سان اهم مقام تي هوندو، حڪومت جو ڪم ڪاروبار ڪرڻ نه پر سهولتون فراهم ڪرڻ آهي: اسد عمر

ايندڙ ڏهاڪي ۾ پاڪستان دنيا ۾ ترقي جي حوالي سان اهم مقام تي هوندو، حڪومت جو ڪم ڪاروبار ڪرڻ نه پر سهولتون فراهم ڪرڻ آهي: اسد عمر

اسلام آباد (پاکستان پوائنٹ نیوز13دسمبر 2018ء) ناڻي واري وفاقي وزير اسد عمر چيو آهي ته ايندڙ ڏهاڪي ۾ پاڪستان دنيا ۾ ترقي جي حوالي سان اهم مقام تي هوندو، حڪومت جو ڪم ڪاروبار ڪرڻ نه پر سهولتون فراهم ڪرڻ آهي، دنيا ۾ نيون تبديليون اچي رهيون آهن، پاڪستان ۾ ڪاروبار جا تمام گهڻا موقعا موجود آهن ۽ ٽيلينٽ جي ڪا به کوٽ نه آهي، هو ڪالهه خميس ڏينهن وزيراعظم آفيس ۾ پاڪستان بزنس ڪائونسل جي اهتمام هيٺ پاڪستان اڪنامڪ فورم کي خطاب ڪري رهيو هو، ناڻي واري وفاقي وزير اسد عمر چيو ته پاڪستان ۾ انساني وسيلن ۽ صلاحيتن جي ڪا به کوٽ نه آهي، حڪومت جو ڪم ڪاروبار ڪرڻ نه پر سهولتون ڏيڻ هوندو آهي، ڪاروباري برادري چٽا ڀيٽي جي ماحول سان ئي ترقي ڪري ٿي، هن چيو ته پاڪستان بزنس ڪائونسل طرفان ملڪ ۾ مينوفيڪچرنگ، ٽيڪس نظام ۽ تجويزن جو ذڪر ڪندي چيو ته پهرين سئو ڏينهن جي پاليسين ۾ انهن جو جائزو ورتو ويو آهي، پر انهن ۾ اڃان وڌيڪ بهتري آندي ويندي، هن چيو ته دنيا ۾ نيون تبديليون اچي ويون آهن، پاڪستان بزنس ڪائونسل تي وڏيون ذميداريون لاڳو ٿين ٿيون ته هو پاڪستان ۾ ڪاروبار آڻي ۽ ان کي فروغ وٺرائي، حڪومت ان ڏس ۾ سهولتون فراهم ڪندي. هن چيو ته پاڪستان ۾ ڪاروبار جا بي پناه موقعا آهن پر ٽيلينٽ جي ڪا به کوٽ نه آهي، ملڪ ۾ باصلاحيت ڪاروباري ماڻهو ۽ فني ماهر موجود آهن جن مان لاڀ پرائي ملڪ کي ترقي ڏياري سگهجي ٿي، هن چيو ته حڪومت ۽ ڪاروباري برادري جي سهڪار سان معيشت کي مستحڪم بڻائي سگهون ٿا ۽ ملڪ کي اڳيان وٺي وڃون ٿا، هن چيو ته ايندڙ ڏهاڪي ۾ پاڪستان دنيا ۾ ترقي جي حوالي سان نمايان مقام حاصل ڪندو.اي پي پي/ص – ج/ش – چ/ر – م 21:16