پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جو معاملو افهام ۽ تفهيم سان حل ڪرڻ تي اسپيڪر ۽ دفاع واري وزير سميت ٻين کي مبارڪباد پيش ڪريون ٿا: سردار اياز صادق

پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جو معاملو افهام ۽ تفهيم سان حل ڪرڻ تي اسپيڪر ۽ دفاع واري وزير سميت ٻين کي مبارڪباد پيش ڪريون ٿا: سردار اياز صادق

اسلام آباد (پاکستان پوائنٹ نیوز13دسمبر 2018ء) قومي اسيمبلي جي اڳوڻي اسپيڪر سردار اياز صادق چيو آهي ته پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جو معاملو افهام ۽ تفهيم سان حل ڪرڻ تي اسپيڪر ۽ دفاع واري وزير سميت ٻين کي مبارڪباد پيش ڪريون ٿا، گذريل دور ۾ اسان مخالف ڌر جي ميمبرن جي پروڊڪشن آرڊرز سميت انهن کي هر ممڪن مدد فراهم ڪئي، خواجه سعد رفيق جا پروڊڪشن آرڊر جاري ٿيڻ تي اسپيڪر جي وقار ۾ اضافو ٿيندو، اهو اختيار اسپيڪر جو آهي ان جي لاءِ کيس ڪنهن کان راءِ وٺڻ جي ضرورت نه آهي، پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جو چيئرمين بڻجڻ تي شهباز شريف راضي ئي نه هو، پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي ۾ اڪثريت حڪومتي ميمبرن جي هوندي آهي، ڪالهه خميس ڏينهن قومي اسيمبلي ۾ اعتراض واري نقطي تي اڳوڻي اسپيڪر سردار اياز صادق چيو ته اسپيڪر جو ڪردار جمهوريت ۽ پارليامينٽ جي لاءِ انتهائي خوش آئنده آهي، هن ان مسئلي کي حل ڪرائڻ تي اسپيڪر، دفاع واري وزير پرويز خٽڪ، مملڪتي وزير علي محمد خان، چيف وهپ عامر ڊوگر جي ڪردار کي ساراهيو، هن چيو ته مثبت يوٽرن وٺڻ تي وزيراعظم عمران خان کي مبارڪباد پيش ڪريون ٿا، اسان جي والدين اسان کي عزت ڪرڻ سيکاريو آهي، هن چيو ته ماضي ۾ پي ٽي آءِ جي ميمبرن اسپيڪر ڊائيس وٽ آئين کي ڦاڙي هوا ۾ اڇلائڻ جهڙا افسوسناڪ قدم کنيا پر اسان اهڙي ڪا به روايت نه وڌي، جڏهن پي ٽي آءِ وارن استعيفا ڏني ۽ اهي استعيفائن جي تصديق ڪرائڻ منهنجي چيمبر ۾ نه آيا، مون کي خبر هئي ته استعيفا ڏيڻ نٿا چاهين، مون انهن جي عزت جو هر ممڪن تحفظ ڪيو، هن چيو ته پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جي معاملي تي اسان 123 ڏينهن ضايع ڪري ڇڏيا، مخالف ڌر اڳواڻ کي پي اي سي جو چيئرمين بڻائن جو مطالبو گڏيل مخالف ڌر جو هو، شهباز شريف ته ان تي راضي ئي نه هو، پي اي سي جي چيئرمين جو صرف هڪ ووٽ هوندو آهي، پي اي سي ۾ حڪومتي ميمبرن جي اڪثريت هوندي آهي، اسان کي هن ايوان کي مستحڪم ڪرڻو آهي. پي اي سي جي حوالي سان تاثر درست نه پئي ورتو ويو، اميد آهي ته جيڪي ڏينهن ضايع ٿي ويا آهن انهن جو ازالو ڪيو ويندو، مون اسپيڪر طور ماضي ۾ رانا ثناءُ الله جي چوڻ جي باوجود جمشيد دستي جا پروڊڪشن آرڊر جاري ، اهڙي طرح ڪنور نويد جميل جا به ڪجهه ڌرين جي مخالفت باوجود پروڊڪشن آرڊر جاري ڪيا، اهڙي طرح خواجه سعد رفيق توهان جي ذميداري آهي، خواجه سعد رفيق 10 سال جو هو ته سندس والد کي شهيد ڪيو ويو، ان جي والده ان جي پرورش ڪئي، خواجه سعد رفيق جمهوريت جي لاءِ جدوجهد ڪئي، هي ملڪ جو اهو اثاثو آهي جنهن پارٽي جي اندر به جدوجهد ڪئي آهي، هاڻي جمهوريت آهي ۽ ڊڪٽيٽرشپ نه آهي، جمهوريت جي طرف سفر تي خدشن جي باوجود اسان ان جي استحڪام جا خواهشمند آهيون، ايتري وڏي ۽ ايترو گهڻو تعاون ڪندڙ مخالف ڌر جو ماضي ۾ مثال نٿو ملي، اٽارني جنرل کان راءِ وٺڻ جي ضرورت ناهي، قانون واري وزير سان ڳالهه ڪري وٺو، حڪومت سان مشاورت کانسواءِ خواجه سعد رفيق جا پروڊڪشن آرڊر جاري ڪري ڇڏيو تاريخ ۾ ياد رکيا ويندا، اسپيڪر چيو ته آئون ڪنهن به طرف نٿو ڏسان قاعدن تحت هلندو آهيان، اياز صادق چيو ته خواجه سعد رفيق جا پروڊڪشن آرڊر جاري نه ٿيا ته اهو جمهوريت جو قتل هوندو، اهڙين حالتن ۾ اسان جو هتي ويهڻ جائز ناهي، اسان ايوان ۾ پروڊڪشن آرڊر جاري نه ٿيڻ تائين نه ويهنداسين.