هڪ طرح ڪيسن جا فيصلا به هڪجهڙا هجڻ گهرجن: راجا پرويز اشرف

هڪ طرح ڪيسن جا فيصلا به هڪجهڙا هجڻ گهرجن: راجا پرويز اشرف

اسلام آباد (پاکستان پوائنٹ نیوز12دسمبر 2018ء) اڳوڻي وزيراعظم راجا پرويز اشرف چيو آهي ته هڪ طرح ڪيسن جا فيصلا به هڪجهڙا هجڻ گهرجن، ترڪي جي رينٽل پاور ڪمپني پاڪستاني عدالت جي فيصلي کانپوءِ عالمي عدالت انصاف سان رابطو ڪيو جنهن سان پاڪستان کي ڏيڍ کرب روپين جو جيڪو نقصان ٿيو آهي ان جو ذميدار ڪير آهي، ان جو تعين هن ايوان کي ڪرڻو پوندو، اربع ڏينهن قومي اسيمبلي ۾ اعتراض واري نقطي تي اڳوڻي وزيراعظم راجا پرويز اشرف چيو ته احتساب تي ڪنهن به اعتراض ناهي ۽ نه ئي هئڻ گهرجي، جنهن معاشري ۾ احتساب نه هوندو اهو هلي نه سگهندو، انصاف جي تشريح تي دنيا ۾ وڏو بحث ٿيندو آهي انصاف جي حوالي سان سڄي دنيا ۾ جنهن تشريح تي اتفاق ٿيو اهو اهو ته هڪجهڙن ڪيسن جا فيصلا به هڪجهڙا هجن، هي ايوان جنهن طرف هلي رهيو آهي اهو درست نه آهي، جيڪڏهن اهڙي طرح اسان هڪٻئي کي چور چور چوندا رهياسين ته اسان کي منزل نه ملندي، هن چيو ته پي ٽي آءِ جي حڪومت کي اڃان ٿورو عرصو ٿيو آهي ان حڪومت جي ڪارڪردگي جو اندازو نٿو لڳائي سگهجي، هن چيو ته ترڪي جي اسٽيل پاور فرم سان جيڪو ڪجهه ڪيو ويو ان فرم عالمي عدالت انصاف سان رجوع ڪيو جيڪڏهن صورتحال اها ئي رهي ته ڪير هتي ايندو، احتساب کان ڪير نٿو ڊڄي، نيب ۽ عدالتون ڪارروايون ڪنديون رهن، هن چيو ته مون تي صرف اهو الزام آهي ته مون پنهنجي ڪابينا کي گمراهه ڪيو آهي پاڪستان کي ڏيڍ کرب جو نقصان ٿيو آهي ان جو ذميدار ڪير آهي، اسان جو ڪم هڪ ٻئي جو چهرو بگاڙڻ ۽ توهين ڪرڻ ناهي، هن ايوان کي عالمي عدالت ۾ پاڪستان ڏيڍ کرب روپين جي نقصان جي ذميدار جو تعين ڪرڻو پوندو، هن چيو ته اسان کان جيڪي غلطيون ٿيون آهن اهي موجوده حڪومت نه ڪري، هن ايوان جو بنيادي ڪم قانونسازي آهي، جيڪا چار مهينا گذرڻ جي باوجود نه پئي ڪئي وڃي. ڪرپشن ان وقت ختم ٿيندي جڏهن پورو ايوان گڏجي ڪرپٽ کي ڪرپٽ چوندو، قانونسازي جي حوالي سان حڪومت جوابده آهي، پي اي سي جي حوالي سان مخالف ڌر جي تجويز سٺي آهي، ڪميٽيون قائم نه ڪري ايوان کي ناڪاره عضوو نه بڻايو وڃي.اي پي پي/ص – ج/ش – چ/ر – م 19:10