اسلام آباد (پاکستان پوائنٹ نیوز12دسمبر 2018ء) مواصلات واري مملڪتي وزير مراد سعيد چيو آهي ته ملتان کان سکر موٽر وي وقت سر مڪمل ٿيندو، ايم نائين تي ڪم مڪمل ٿيڻ کانپوءِ ڪراچي کان لاهور تائين موٽر وي مڪمل ٿي ويندو، سمورن وزيرن کي به ٽول ادا ڪرڻو پوندو، اربع ڏينهن قومي اسيمبلي ۾ اعتراض واري نقطي تي حڪومت ميمبر رياض فتيانه چيو ته ايم ٿري موٽر وي کولڻ جي حوالي سان مملڪتي وزير جي خاطري تي ٿورائتا آهيون، هن جي پڇاڻي تي مملڪتي وزير مراد سعيد چيو ته ملتان کان سکر موٽر وي به وقت سر مڪمل ٿي ويندو ۽ ايم نائين تي به ڪم مڪمل ٿيڻ کانپوءِ لاهور کان ڪراچي تائين موٽر وي مڪمل ٿي ويندو، هن چيو ته آئون پاڻ به موٽر وي تي ٽول ادا ڪندو آهيان ۽ سمورن وزيرن کي به اهي ادائيگيون ڪرڻيون پونديونَ
ملتان کان سکر موٽر وي وقت سر مڪمل ٿيندو: مراد سعيد
7 سال پھريان
