پاڪستان ۽ روس پاران پارليماني لاڳاپن کي مستحڪم ڪرڻ تي اتفاق

پاڪستان ۽ روس پاران پارليماني لاڳاپن کي مستحڪم ڪرڻ تي اتفاق

اسلام آباد (پاکستان پوائنٹ نیوز11دسمبر 2018ء) پاڪستان ۽ روس پارليماني لاڳاپن کي مستحڪم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آهي، اهو اتفاق سينيٽ جي وقتي چيئرمين سليم مانڊوي والا جي سربراهي ۾ پاڪستاني وفد جي اڱاري ڏينهن ماسڪو ۾ انٽرنيشنل ڪانفرنس جي موقعي تي رشين فيڊريشن ڪائونسل جي ڊپٽي چيئرمين الياس عمر خانوف سان ملاقات دوران ٿيو، ان موقعي تي پاڪ روس فرينڊشپ گروپ جي صدر ايگور مروزف ۽ سينيٽر فيڊريشن ڪائونسل فرانزڪلنسيوچ به موجود هو، سينيٽ جو وقتي چيئرمين سليم مانڊوي والا رشين فيڊرل اسيمبلي جي فيڊريشن ڪائونسل جي 25 هين سالگرهه تقريبن ۾ پاڪستاني وفد جي قيادت ڪري رهيو آهي، وفد جي ميمبرن ۾ سينيٽر محسن عزيز، سينيٽر دلاور خان، سينيٽر اشوڪ ڪمار ۽ سينيٽر جاويد عباسي شامل آهن.