آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي صدر جي وقتي صدر سان ملاقات

آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي صدر جي وقتي صدر سان ملاقات

اسلام آباد (پاکستان پوائنٹ نیوز11دسمبر 2018ء) آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي صدر مسعود خان گڏيل قومن جي انساني حقن واري ڪائونسل کان مطالبو ڪيو آهي ته هو والاريل ڪشمير جي سنگين صورتحال کي نظر ۾ رکندي بنا ڪنهن دير جي هڪ بااختيار ڪميشن آف انڪوائري جوڙي جيڪو والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي بدترين خلاف ورزين جي مڪمل جاچ ڪري پنهنجي رپورٽ گڏيل قومن کي پيش ڪري، ڀارت والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ٻين سنگين ڏوهن کانسواءِ عورتن کي جنسي تشدد کي جنگي هٿيار جي طور تي استعمال ڪري رهيو آهي، جيڪو عالمي قانون تحت هڪ سنگين ڏوهه آهي، اهڙن خيالن جو اظهار اڱاري ڏينهن هن ايوان صدر اسلام آباد ۾ وقتي صدر ۽ سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي سان ملاقات دوران ڪيو، ملاقات ۾ آزاد ڪشمير جي صدر وقتي صدر کي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي تازي صورتحال، آزاد ڪشمير جي ترقياتي منصوبن سميت ٻين اهم علائقائي معاملن جي باري ۾ بريف ڪيو، وقتي صدر ان موقعي تي ڳالهائيندي چيو ته پاڪستان ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام جي خودمختياري واري حق جي جائز ۽ منصفاڻي ۽ حق تي ٻڌل تحريڪ جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو. هن والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ قابض ڀارتي فوج جي هٿان بي گناهه ڪشميرين، خاص طور تي نوجوانن جي وڌندڙ شهادتن تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪندي مطالبو ڪيو ته ڀارت والاريل علائقي ۾ قتل ۽ غارت جو سلسلو فوري طور تي بند ڪري، ڪشمير جي تڪرار جو سياسي ۽ سفارتي حل لاءِ ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام ۽ پاڪستان سان ڳالهيون ڪري، هن چيو ته ڪشمير جي مسئلي کي طاقت جي استعمال سان حل نٿو ڪري سگهجي ان لاءِ ڀارتي قيادت کي گهرجي ته خطي ۾ امن ۽ استحڪام جي لاءِ ڪشمير جي مسئلي کي ڪشميري عوام جي خواهشن موجب پرامن ذريعن سان حل ڪرڻ جي طرف اڳڀرائي ڪري، وقتي صدر ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ڀارت پاڪستان پاران امن ڳالهين جي آڇ جو مثبت جواب ڏي، آزاد ڪشمير جي صدر سردار مسعود خان وقتي صدر کي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي تيزي سان بگڙجندڙ صورتحال جي باري ۾ وڌيڪ ٻڌايو ته هن سال ڀارتي فوج جي ظلم ۽ جبر جي نتيجي ۾ 400 کان وڌيڪ ڪشميرين شهادت ماڻي، جنهن ۾ نوجوانن جو تعداد وڌيڪ آهي، هن غير ملڪي ذريعن جو حوالو ڏيندي چيو ته گذريل ڪجهه سالن ۾ ڀارتي فوج بيلٽ گنن جو نشانو بڻائي هزارين ڪشميرين کي نور کان محروم ڪري ڇڏيو، تباهي آڻيندڙ هٿيارن جي استعمال ۾ آڻڻ سان نور کان محروم ٿيندڙ 18 مهينن جي ٻارڙي حبا نثار به آهي جنهن کي ماءُ جي هنج ۾ بيلٽ گن سان نشانو بڻايو ويو، آزاد ڪشمير جي صدر والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي بهادر ۽ پرعزم عوام کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته ڪشميري عوام ڀارت جي بي رحمي ۽ ننگي جارحيت جو عزم سان مقابلو ڪندي پنهنجي آزادي ۽ خودمختياري واري حق جي تحريڪ کي جاري رکيو آهي. وقتي صدر محمد صادق سنجراڻي عالمي برادري خاص طور تي گڏيل قومن کي اپيل ڪئي ته هو فوري مداخلت ڪري والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين کي بند ڪرائي، ۽ ڪشمير جي مسئلي کي ڳالهين ۽ پرامن ذريعن سان حل ڪرڻ لاءِ گڏيل قومن جي قراردادن جي روشني ۾ ضروري قدم کڻي. انساني حقن جي عالمي چارٽر جا 70 سال مڪمل ٿيڻ جي موقعي تي صدر ۽ آزاد ڪشمير جي صدر ان عزم کي ورجايو ته ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام جي حقن کي حاصل ڪرڻ لاءِ گڏيل قومن سميت هر عالمي فورم تي ڪشميرين جي حقن لاءِ آواز بلند ڪندا، هن انساني حقن جي سڀني عالمي ادارن کي اپيل ڪئي ته هو والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي پائمالين جو نوٽيس وٺن ۽ ڀارتي حڪومت تي دٻاءُ وجهي ته ان کي عالمي قانونن کان مٿانهين قدمن کان روڪڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. وقتي صدر آزاد ۽ ڄمون ۽ ڪشمير جي صدر سردار مسعود خان جي ڪوششن کي به ساراهيو جيڪو ڪشمير ڪاز کي اجاگر ڪرڻ لاءِ قومي ۽ عالمي سطح تي ڪري رهيو آهي، ٻنهي اڳواڻن پنهنجي ملاقات ۾ آزاد ڪشمير جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۽ اهم قومي ترقياتي منصوبن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.