سنڌ ۾ ڪمند جي آبادگارن کي سرڪاري اگهن تي ادائيگي يقيني بڻائي وڃي: محمد يوسف ٽالپور

سنڌ ۾ ڪمند جي آبادگارن کي سرڪاري اگهن تي ادائيگي يقيني بڻائي وڃي: محمد يوسف ٽالپور

اسلام آباد (پاکستان پوائنٹ نیوز11دسمبر 2018ء) پيپلزپارٽي جي ميمبر نواب محمد يوسف ٽالپور چيو آهي ته سنڌ ۾ ڪمند جي آبادگارن کي سرڪاري اگهن تي ادائيگي يقيني بڻائي وڃي. اڱاري ڏينهن ومي اسيمبلي ۾ اعتراض واري نقطي تي نواب محمد يوسف ٽالپور چيو ته ڪمند جي آبادگارن کي انهن جي ماضي جون رهتون ادا نه پيون ڪيون وڃن، پنجاب ۽ سنڌ ۾ شوگر ملون سرڪاري قيمت جي حساب سان رقم ڏيڻ جي لاءِ تيار نه آهن، سنڌ ۾ ڪمند جي آبادگارن کي سرڪاري اگهن جي حساب سان قيمت جي ادائيگي يقيني بڻائڻ جي لاءِ حڪومت ڪردار ادا ڪري، جيڪڏهن ائين نه ٿيو ته سنڌ جا آبادگار شديد احتجاج ڪندا.