اسلام آباد (پاکستان پوائنٹ نیوز11دسمبر 2018ء) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته اوورسيز پاڪستاني موبائيل فون آڻي سگهن ٿا، اضافي فون آڻڻ تي ٽيڪس آهي، اڱاري ڏينهن پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چوڌري فواد حسين چيو آهي ته 2 ارب ڊالر جا موبائيل درآمد ڪيا پيا وڃن انهن تي ٽيڪس ادا ڪرڻ ضروري آهي، هن چيو ته 60 ڊالر کان گهٽ قيمت جي فون تي ٽيڪس نه هجڻ جي برابر آهي، مهانگي فون تي 38 سيڪڙو ٽيڪس آهي، اسان سڀني کي ٽيڪس ڪلچر اختيار ڪرڻو پوندو. اي پي پي//ص –ج/ش – چ/ر – م 16:23
اوورسيز پاڪستاني موبائيل فون آڻي سگهن ٿا: چوڌري فواد حسين
7 سال پھريان
